اسان وٽ هن سال جي پهرين 7 مهينن ۾ رجسٽرڊ شڪايتن جو تعداد 11 هزار کان وڌي ويو آهي: صوبائي محتسب سنڌ

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته گذريل سال اسان وٽ سرڪاري کاتن خلاف 9 هزار کان وڌيڪ عوامي شڪايتون رجسٽرڊ ٿيون هيون جڏهن ته هن سال جي پهرين 7 مهينن ۾ اسان وٽ رجسٽرڊ شڪايتن جو تعداد 11 هزار کان وڌي ويو آهي جيڪو صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي.اهڙو اظهار هن سندس آفيس ۾ ماهوار …

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته گذريل سال اسان وٽ سرڪاري کاتن خلاف 9 هزار کان وڌيڪ عوامي شڪايتون رجسٽرڊ ٿيون هيون جڏهن ته هن سال جي پهرين 7 مهينن ۾ اسان وٽ رجسٽرڊ شڪايتن جو تعداد 11 هزار کان وڌي ويو آهي جيڪو صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس تي عوام جي اعتماد جو اظهار آهي.اهڙو اظهار هن سندس آفيس ۾ ماهوار مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي محتسب سنڌ چيو ته اسان کي رجسٽرڊ شڪايتن جي شرح کي برقرار رکڻ ۽ گهٽ وقت ۾ عوام کي مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. هن شڪايتن جي فوري حل ۽ عملي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ عملي لاءِ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن پراڻين التوا ۾ پيل شڪايتن کي ٻن مهينن اندر حل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته سنڌ صوبائي محتسب پاران اداري سان لاڳاپيل يونيورسٽين ۾ سفير پروگرامن، آگاهي سيشنز ۽ کليون ڪچهريون منعقد ڪرڻ سان مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، تنهن ڪري ان سلسلي کي وڌيڪ وڌايو وڃي.اجلاس ۾ سيڪريٽري صوبائي محتسب سنڌ منصور عباس رضوي، ڊي جي ون نسيم الدين ميراڻي، ڊي جي ٽو امتياز ڀٽي، رجسٽرار مسعود عشرت شرڪت ڪئي.