اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پارڪ روڊ سي ڊي اي ماڊل نرسري جو دؤرو ڪيو، جتي هن مختلف سيڪشنز تي جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪري ماسٽر پلان جو جائزو ورتو. هن نرسري ۾ ٺاهيل رين واٽر هارويسٽنگ تلاءَ جو پڻ مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي سي ڊي اي جي چيئرمين محمد علي رانڌاوا گهرو وزير کي نرسري ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي …
گهرو وزير محسن نقوي جو پارڪ روڊ سي ڊي اي ماڊل نرسري جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پارڪ روڊ سي ڊي اي ماڊل نرسري جو دؤرو ڪيو، جتي هن مختلف سيڪشنز تي جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪري ماسٽر پلان جو جائزو ورتو. هن نرسري ۾ ٺاهيل رين واٽر هارويسٽنگ تلاءَ جو پڻ مشاهدو ڪيو. ان موقعي تي سي ڊي اي جي چيئرمين محمد علي رانڌاوا گهرو وزير کي نرسري ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سي ڊي اي جا ميمبر، اي ڊي سي جي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به موجود هئا. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته نرستي ۾ جديد ۽ منفرد طرز جي ڪنٽرولڊ وينٽي ليٽڊ گرين هائوسز تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي ٻوٽن جي واڌ ويجهه لاءِ مثالي ماحول فراهم ڪندا. هلندڙ سال هاڻ تائين سانوڻي سيزن ۾ 25 هزار ٻوٽا مفت ورهايا ويا، جڏهن ته باڪو جي هارٽيڪلچر ماهر منصوبي ۾ معاونت فراهم ڪري رهيا آهن. محسن نقوي چيو ته هي منصوبو اسلام آباد جي شهرين جي هارٽيڪلچر ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو، نرسري ۾ فلاور شاپ ۽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيا ويندا جڏهن ته سي ڊي اي ملازمن کي ٻوٽن جي سارسنڀال لاءِ خاص تربيت فراهم ڪئي ويندي. گهرو وزير آذربائيجان جي ٽيم کي بهترين ڪم ڪرڻ تي شاباشي ڏني. واضح رهي ته اسلام آباد ۾ ماحولياتي تحفظ ۽ سموگ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 50 ايڪڙن تي ٻَڌل پاڪستان جي سڀ کان وڏي ماڊل نرسري بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪا پڄاڻيءَ جي ويجهو آهي. نرسري ۾ 10 لک ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته ان کي جديد گهرجن موجب تعمير ڪيو پيو وڃي.











