اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير بلٽ ٽرين هلائڻ جو ڪو اعلان ناهي ڪيو، ان سان لاڳاپل خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪن آهن. ريلوي وزارت جي ترجمان موجب ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان منسوب ٿيل ڪراچي کان لاهور بلٽ ٽرين جي اعلان جون خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. ريلوي واري وزير بلٽ ٽرين هلائڻ جو اعلان ناهي ڪيو. ترجمان جو …
ريلوي واري وفاقي وزير بلٽ ٽرين هلائڻ جو ڪو اعلان ناهي ڪيو: ريلوي وزارت جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير بلٽ ٽرين هلائڻ جو ڪو اعلان ناهي ڪيو، ان سان لاڳاپل خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪن آهن. ريلوي وزارت جي ترجمان موجب ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان منسوب ٿيل ڪراچي کان لاهور بلٽ ٽرين جي اعلان جون خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. ريلوي واري وزير بلٽ ٽرين هلائڻ جو اعلان ناهي ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلوي جي موجوده سهولتن جي بهتري حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، عوام کان اپيل ڪئي آهي ته هو اڻ تصديق ٿيل خبرن تي يقين نه ڌرين. هن چيو ته صرف ريلوي وزارت جي سرڪاري پڌرائي ئي حتمي آهي.











