ڪي پي ڪي پوليس ۽ سي ٽي ڊي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو: وفاقي وزير محسن نقوي

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس ۽ سي ٽي ڊي فتنه الهندستان جي 9 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سندن ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، ڪي پي ڪي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بهادر پُٽن کي وڏي ڪاميابيءَ تي سلام پيش ڪريان ٿو. جاري بيان موجب گهرو وزير دير ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن …

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس ۽ سي ٽي ڊي فتنه الهندستان جي 9 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي سندن ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، ڪي پي ڪي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بهادر پُٽن کي وڏي ڪاميابيءَ تي سلام پيش ڪريان ٿو. جاري بيان موجب گهرو وزير دير ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته قومي بهادر پُٽن تي مانُ آهي، قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فورسز سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. گهرو وزير شهيد ٿيل 2 شهرين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.