اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري جي لاءِ پرعزم آهي، ڪسٽم جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاٿي جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ۽ فيس ليس ڪري ڪري شافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو …
حڪومت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري جي لاءِ پرعزم آهي، ڪسٽم جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاٿي جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ۽ فيس ليس ڪري ڪري شافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪسٽم جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاٿي جي نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ڪسٽم عملدارن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي سڌارن جي جلد، مڪمل ۽ موثر لاڳو جي لاءِ ضروري هدايتون ڪيون. وزيراعظم ڪسٽم نظام ۾ شفافيت، ٽيڪس ڪليڪشن ۾ اضافي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سهولتن جهڙن اهم رخن جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪسٽم جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاٿي ۾ کنيل هيستائين جي قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته مصنوعي ذهانت تي ٻڌل رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم پڻ جلد فعال ٿي ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽم جي اسڪينرز جي ذريعي ڇنڊڇاڻ ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان ڪسٽم ڪليئرنس ۾ گهربل وقت گهٽ کان گهٽ ٿيندو پيو وڃي، حڪومت جي اسمگلنگ جي خلاف موثر ڪاررواين سان شين جي غيرقانوني پهچ ۾ گهٽتائي ۽ شين جي باقاعده قانوني نظام تحت ڪسٽم ڪليئرنس جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪسٽم ۾ ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاٿي جي نظام کي فيس ليس ڪرڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪسٽم جي نظام جي بهتري ۽ جدت جو مقصد روانگي واپار ۽ آمدني واپار سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي سهولت پهچائڻ سان گڏ ملڪي روينيو ۾ اضافو ڪرڻ آهي، ڪسٽم ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاٿي جي لاءِ انتظامي ڪاررواين ۾ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي، ڪسٽم نظام جي سڌارن جي موثر لاڳو جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل هم آهنگي ۽ ٺوس حڪمت عملي تحت ڪم ڪن. وزيراعظم چيو ته معاشي ۽ واپاري سڌارن جي ذريعي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪسٽم نظام جي سڌارن ۾ عالمي سطح تي ڪئي ويندڙ قابل عمل ۽ بهترين حڪمت عملي سان هر ممڪن فائدو کنيوو ڃي، ملڪي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري جي منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا پرعزم آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪسٽم ڪاٿي تي ڪاروباري ماڻهن پاران ڪئي ويندڙ نظرثاني اپيل ٻڌڻ جو اختيار غيرجانبدار آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي، بندرگاهن تي وڌندڙ ڪارگو ۽ ان جي جلد کان جلد پهچ جي لاءِ اهڙي منظم منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن سامان جلد کان جلد بندرگاهه تان پنهنجي منزل طرف روان دوان ٿئي، ڪسٽم ڪاٿي تي نظرثاني اپيل جي نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي ضروري قدم کنيا وڃن.











