اسلام آباد - 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انخلا ۽ انهن کي محفوظ جاين تي پهچائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي …
وزيراعظم پاران درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انخلا ۽ انهن کي محفوظ جاين تي پهچائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انخلا ۽ انهن کي محفوظ جاين تي پهچائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ستلج درياءَ کان پنجاب جي متاثر ضلعن ۾ ريسڪيو آپريشنز تيز ڪيا وڃن، ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انخلا ۽ انهن کي محفوظ جاين تي پهچائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه واري جڳهه تي ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ حفاظتي قدم ۽ نگراني تيز ڪئي وڃي، خوراڪ، دوائن ۽ تنبوئن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين کي پنجاب جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي اداري سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.











