اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق خاتمي النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ولادت باسعادت جي بابرڪت مهيني جي آمد تي پوري مسلم اُمت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته رسول اڪرمﷺ جن جي ذات اقدس پوري انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي آمد سان دنيا مان ڪُفر ۽ جهالت جون اونداهيون هٽي ويون، ظلم ۽ ڏاڍ جون زنجيرون ٽٽي ويون …
رسول اڪرمﷺ جن جي ذات پوري انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي، پاڻ سڳورنﷺ جي آمد سان دنيا مان ڪُفر ۽ جهالت جون اونداهيون هٽي ويون: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق خاتمي النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ولادت باسعادت جي بابرڪت مهيني جي آمد تي پوري مسلم اُمت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته رسول اڪرمﷺ جن جي ذات اقدس پوري انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي آمد سان دنيا مان ڪُفر ۽ جهالت جون اونداهيون هٽي ويون، ظلم ۽ ڏاڍ جون زنجيرون ٽٽي ويون ۽ انسانيت کي توحيد، عدل ۽ علم جي نُور سان نوازيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ربيع الاول مهيني جي شروعات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته سرورِ ڪائنات حضرت محمدﷺ انسان کي انسان جو غلام بڻائيندڙ جهالت جو خاتمو ڪري صرف هڪ الله تعاليٰ جي بندگي ۽ ان آڏو سجدو ڪرڻ جو درس ڏنو. پاڻ سڳورنﷺ دنيا کي اخوت، محبت، ايثار، قرباني، مساوات ۽ امن جي اهڙي تعليم عطا فرمائي جيڪا قيامت تائين انسانذات لاءِ رهنمائيءَ جو ذريعو آهي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي ته ”۽ اسان اوهان کي سمورن جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي.“ اسپيڪر چي ته نبي ڪريمﷺ جي سيرت قرآن مجيد جو عملي مثال آهي. قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو، ”پاڻ سڳوراﷺ يقينن اخلاق جي بلند ترين مرتبي تي فائز آهن.“ حضور اڪرمﷺ سان محبت ايمان جو بنيادي جُز آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو ته ”توهان مان ڪوبه ان وقت تائين ڪامل مؤمن نٿو ٿي سگهي جيستائين ان کي پنهنجي والدين ۽ اولاد ۽ سڀني انسانن کان منهنجي ذات وڌيڪ محبوب نه هجي.“ اسپيڪر چيو ته هي اسان جي خوش بختي آهي جو نبي ڪريمﷺ جا اُمتي آهيون. پاڻ سڳورنﷺ جي محبت اسان جي دلين ۾ ڀريل آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ اسان جي دلين مان مٽجي نٿي سگهي. اسپيڪر چيو ته ان محبت جي تقاضا هيءَ آهي ته اسان پنهنجي زندگين کي قرآن ۽ سنت موجب اختيار ڪن. پاڻ سڳورنﷺ جي عطا ڪيل اخلاق، عدل، برداشت، رواداري ۽ ايثار کي اختيار ڪن ۽ معاشري ۾ امن، ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي ڏين. اسپيڪر چيو ته هن سال نبي پاڪﷺ جو 1500هون ولادت وارو باسعات ڏهاڙو آهي جنهن کي پارليامينٽ هائوس ۾ عقيدت، احترام ۽ شان سان ملهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام، حضور اڪرمﷺ جي تعليم جي روشنيءَ ۾ نه صرف پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين کي سنوارڻ لاءِ ڪوشان رهندا پر اسلام جي حقيقي پيغام، امن، محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. هن چيو ته الله تعاليٰ کان هن بابرڪت مهيني جي آمد تي مسلمان اُمت جي اتحاد ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۽ استحڪام لاءِ دُعا ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسيپڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته نبي ڪريمﷺ جي ولادت باسعادت سان دنيا کي هدايت، علم ۽ انصاف جو اهو پيغام مليو جنهن انسانيت جي تقدير بدلائي ڇڏي. هن چيو ته مسلمان اُمت کي گهرجي ته سيرت طيبه کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ اختيار ڪري. اتفاق ۽ يگانيت کي مضبوط بڻائي ته جيئن پاڪستان ۽ پوري مسلم اُمت ترقي، امن ۽ خوشحاليءَ جي راهن تي گامزن ٿي سگهي. هن چيو ته خاتم النبيين حضرت محمدﷺ جي مبارڪ سنت ۽ طريقن تي عمل ڪندي مسلمان اُمت پنهنجي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته نبي آخر الزمانﷺ کي سمورن جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو ويو هو. هن چيو ته خاتم النبيين حضرت محمدﷺ جي مبارڪ زندگي سڄي ڪائنات لاءِ مشعل راهه آهي.











