وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس، گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولرائزيشن منصوبي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولرائزيشن منصوبي جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پاور ڊويزن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته منصوبي …

اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولرائزيشن منصوبي جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پاور ڊويزن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي جوڙيل اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ جامع حڪمت عملي تحت عملي قدم کنيا ويندا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي سستي ۽ ماحول دوست بجلي جي فراهمي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير چيو ته متبادل ذريعن کان توانائي حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ پائيدار توانائي جي منصوبن تي ڀرپور توجهه ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير گلگت بلتستان جي 100 ميگاواٽ سولرائزيشن منصوبي کي قومي ترقيءَ جو سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو نه صرف مقامي عوام لاءِ توانائي جي فراهميءَ ۾ بهتري آڻيندو پر خطي ۾ اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ جي راهه پڻ هموار ڪندو.