اسلام آباد-25 آگسٽ(اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ اڪثر هنڌن تي جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ پنجاب ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ، ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آگسٽ(اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ اتر اوڀر پنجاب ۾ اڪثر هنڌن تي جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ پنجاب ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين سنڌ، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين، نوڪنڊي ۾ 41، پنجگور ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي تنبيه جاري ڪئي آهي ته سومر ۽ 26 آگسٽ دوران شديد برسات سبب نارووال، سيالڪوٽ، گجرات، جهلم، منڊي بهاؤالدين، گوجرانواله ۽ لاهور جي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، ان دوران برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو به خطرو آهي، عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، شديد برساتن/ طوفان/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خدشو آهي.











