سيد خورشيد احمد شاھه جي صحت جي ناسازيءَ بابت افواهن جي شاھ هائوس پاران ترديد

سکر -25 آگسٽ (اي پي پي)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ جي صحت جي ناسازيءَ بابت افواهن جي شاھ هائوس پاران ترديد ڪندي هڪ بيان وسيلي افواهن کي رد ڪندي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته سيد خورشيد شاهه جي صحت بهتر آهي. سيد خورشيد احمد شاهه صرف معمول واري طبي مُعائني لاءِ اسپتال ويو هو، جتي سندس ضروري ٽيسٽون ڪيون …

سکر -25 آگسٽ (اي پي پي)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ جي صحت جي ناسازيءَ بابت افواهن جي شاھ هائوس پاران ترديد ڪندي هڪ بيان وسيلي افواهن کي رد ڪندي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته سيد خورشيد شاهه جي صحت بهتر آهي. سيد خورشيد احمد شاهه صرف معمول واري طبي مُعائني لاءِ اسپتال ويو هو، جتي سندس ضروري ٽيسٽون ڪيون ويون. ٽيسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هو ڪراچي روانو ٿيندو. شاهه هائوس طرفان عوام ۽ ڪارڪنن کي اطمينان ڏياريو ويو آهي ته سيد خورشيد احمد شاهه صحتمند آهي ۽ ڪنهن به قسم جي پريشاني جي ڳالهه ناهي.