نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صوماليه جي پرڏيهي وزير عبدالسلام عابد علي سان ملاقات

جده - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پرڏيهي وزير عبدالسلام عابد علي سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، …

جده – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پرڏيهي وزير عبدالسلام عابد علي سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسرائيلي جارحيت، ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڏڪار ۽ انساني بحران جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي. ٻنهي اڳواڻن واپار، اقتصادي لاڳاپن ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي ذريعي ڀائراڻي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تازي ٻوڏ دوران پاڪستان سان صوماليه جي يڪجهتي تي ان جا ٿورا پڻ مڃيا.