وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايران جي هم منصب سڪندر مومني جو ٽيليفون تي رابطو

اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايران جي هم منصب سڪندر مومني ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ايران جي گهرو وزير  پاڪستان خاص ڪري خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۾ طوفان برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا پڻ …

اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايران جي هم منصب سڪندر مومني ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ايران جي گهرو وزير  پاڪستان خاص ڪري خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۾ طوفان برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا پڻ ڪئي. ايران جي گهرو وزير پاڪستاني هم منصب محسن نقوي کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ تعاون جي آڇ به ڪئي. ايران جي گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، آزمائش جي هن گهڙي ۾ اسان هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. اسان پاڪستان جي عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. گهرو وزير محسن نقوي بوڏ سٽيلن لاءِ مدد جي آڇ ۽ يڪجهتي جي اظهار تي ايران جي هم منصب جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير محسن نقوي  چيو ته ايران ۽ پاڪستان جون خوشيون ۽ ڏک ساڳيا آهن. موسمياتي تبديليون  پاڪستان ۾ تباهي جو سبب بڻجي رهيون آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان اهڙي خطرناڪ موسمياتي صورتحال مان گذري رهيو آهي. سمورا ادارا ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ فيلڊ ۾ آهن ۽ متاثرن جي بحالي ۽ رليف پهرين ترجيح آهي.