فيصل آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد جي دهشتگردي جي ٽوڙ واري عدالت پوليس ٿاڻي سمن آباد فيصل آباد ۾ داخل راڻا ثناءُ الله جي اوطاق تي 9 مئي تي حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي مرڪزي اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزائي ٻڌائي وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ ملوث ٽوٽل 109 جوابدارن مان 34 ڄڻن کي بري …
فيصل آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي تي راڻا ثناءُ الله جي اوطاق تي حملي ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،ڪيترن ئي جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا

مزید خبریں
فيصل آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) فيصل آباد جي دهشتگردي جي ٽوڙ واري عدالت پوليس ٿاڻي سمن آباد فيصل آباد ۾ داخل راڻا ثناءُ الله جي اوطاق تي 9 مئي تي حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي مرڪزي اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جي سزائي ٻڌائي وئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ ملوث ٽوٽل 109 جوابدارن مان 34 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو، بري ٿيلن ۾ فواد چوڌري، زين قريشي، سلطان اشرف پاشا، شڪيل احمد جٽ ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته عمر ايوب خان، شبلي فراز، زرتاج گل، احمد چٺا، ڪنول شوزف، راءِ حسن نواز، عنصر اقبال، بلال اعجاز، ايم پي اي اسماعيل سيلا، امجد شهزاد ۽ ٻين کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻُڌائي وئي. عدالت سمن آباد ٿاڻي جي داخل جنهن ڪيس ۾ فيصلو ٻُڌايو ان ۾ پي ٽي آءِ جا 17 مرڪزي اڳواڻ به شامل آهن، جن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻُڌائي وئي. ان کان علاوه ميان جواد، عبدالرحمان، ذيشان ۽ ٻين ڪارڪنن کي به 10-10 سال قيد جي سزا جو حڪم ٻُڌايو ويو، جڏهن ته ايم پي اي شيخ شاهد جاويد کي 3 سال قيد جي سزا ڏنيو ئي. ڪالهه فيصلي ٻُڌائڻ وقت دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران سيڪيورٽيءَ جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. عدالت ٻين ڪيترن ئي ملزمن کي به 3-3 سالن جي قيد جي سزا جو حڪم ٻُڌايو.











