اسلام آباد-25 آگسٽ(اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ، 3 ارب ڊالر ماليت جي 5 سالن جا عالمي بينچ مارڪ بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪري ڇڏيا. بئنڪ مان جاري بيان مطابق خزانچي ٽوبياس هوشڪار ٻڌايو ته 2025ع ۾ چوٿون ڀيرو آمريڪي ڊالر تي ٻڌل بانڊز جاري ڪيا ويا آهن، اهي بانڊز 3.750 سيڪڙو ساليانو وياج جي شرح تي جاري ٿيا جيڪي هر 6 مهينن کانپوءِ ادا ڪيا ويندا، بانڊز جو مدو 28 آگسٽ …
اي ڊي بي 3 ارب ڊالر ماليت جا 5 سالن لاءِ عالمي بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آگسٽ(اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ، 3 ارب ڊالر ماليت جي 5 سالن جا عالمي بينچ مارڪ بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪري ڇڏيا. بئنڪ مان جاري بيان مطابق خزانچي ٽوبياس هوشڪار ٻڌايو ته 2025ع ۾ چوٿون ڀيرو آمريڪي ڊالر تي ٻڌل بانڊز جاري ڪيا ويا آهن، اهي بانڊز 3.750 سيڪڙو ساليانو وياج جي شرح تي جاري ٿيا جيڪي هر 6 مهينن کانپوءِ ادا ڪيا ويندا، بانڊز جو مدو 28 آگسٽ 2030ع تي مڪمل ٿيندو. بانڊز جي ڏيتي ليتي جي قيادت سٽي گروپ، نومورا، ايڇ ايس بي سي ۽ جي پي مورگن ڪئي، 41 سيڪڙو بانڊز ايشيا، 35 سيڪڙو يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا ۽ 24 سيڪڙو آمريڪا ۾ وڪرو ٿيا. سيڙپڪارن جي نوعيت جي لحاظ سان 59 سيڪڙو بانڊز مرڪزي بئنڪن ۽ سرڪاري ادارن، 28 سيڪڙو ڪمرشل بئنڪن ۽ 13 سيڪڙو فنڊ مينيجرز ۽ ٻين سيڙپڪارن خريد ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ مطابق 2025ع ۾ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس کان لڳ ڀڳ 36 کان 37 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.











