اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ٻوڏ بابت آگاهي سنڌ طاس ڪميشن بدران سفارتي ذريعن جي وسيلي پاڪستان کي پهچائي آهي، ڀارت تي لازمي آهي ته هو سنڌ طاس معاهدي جي سمورين شقن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ڀارت ٻوڏ بابت آگاهي سفارتي ذريعن وسيلي پاڪستان پهچائي آهي جڏهن ته اها معلومات سنڌ …
ڀارت ٻوڏ بابت آگاهي سنڌ طاس ڪميشن بدران سفارتي ذريعن جي وسيلي پاڪستان کي پهچائي آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ٻوڏ بابت آگاهي سنڌ طاس ڪميشن بدران سفارتي ذريعن جي وسيلي پاڪستان کي پهچائي آهي، ڀارت تي لازمي آهي ته هو سنڌ طاس معاهدي جي سمورين شقن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري. هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ڀارت ٻوڏ بابت آگاهي سفارتي ذريعن وسيلي پاڪستان پهچائي آهي جڏهن ته اها معلومات سنڌ طاس معاهدي تحت سنڌ طاس ڪميشن جي ذريعي فراهم ڪرڻ لازمي آهي. ترجمان چيو ته ڀارت تي لازمي آهي ته هو سنڌ طاس معاهدي جي سمورين شقن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته معاهدي کي معطل رکڻ جو ڀارت جو هڪطرفو اعلان نه رڳو عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي پر اهو قدم ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پڻ سنگين منفي نتيجا آڻي سگهي ٿو.











