جده - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ او آءِ سي سيڪريٽريٽ پهچي ويو. او آءِ سي سيڪريٽريٽ اچڻ تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحيٰ ۽ او آءِ سي جي لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي فواد شير سندس استقبال ڪيو. …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي سيڪريٽريٽ پهچي ويو

مزید خبریں
جده – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ او آءِ سي سيڪريٽريٽ پهچي ويو. او آءِ سي سيڪريٽريٽ اچڻ تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحيٰ ۽ او آءِ سي جي لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي فواد شير سندس استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويندو جيڪا اسرائيلي فوجي جارحيت، غزه تي مڪمل فوجي ڪنٽرول جي تجويز ڪيل منصوبن ۽ فلسطيني عوام جي بنيادي انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين جي ڪري وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي.











