اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) هٿ جي هنر جي روانگي واپار ۾ گذريل مالي سال 25-2024ع دوران 177.58 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري مطابق ان دوران روانگي واپار جي ماليت 161 ملين روپين تائين وڌي وئي جڏهن ته مالي سال 2023.24ع ۾ هٿ جي هنر جي قومي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 58 ملين روپيا رهيو هو. اهڙي طرح مالي سال 24-2023ع جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي …
هٿ جي هنر جي روانگي واپار ۾ گذريل مالي سال دوران 177 سيڪڙو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) هٿ جي هنر جي روانگي واپار ۾ گذريل مالي سال 25-2024ع دوران 177.58 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وفاقي شمارياتي اداري مطابق ان دوران روانگي واپار جي ماليت 161 ملين روپين تائين وڌي وئي جڏهن ته مالي سال 2023.24ع ۾ هٿ جي هنر جي قومي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 58 ملين روپيا رهيو هو. اهڙي طرح مالي سال 24-2023ع جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال 25-2024ع دوران هٿ جي هنر جي قومي روانگي واپار ۾ 103 ملين روپيا يعني 177.58 سيڪڙو جي نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.











