مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 3.643 ارب ڊالرز جو نمايان اضافو رڪارڊ

اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري ڪئلينڊر سال کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 3.643 ارب ڊالرز جو نمايان اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ڊسمبر 2024ع جي پڄاڻي تي پاڪستان وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.927 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.73  ارب ڊالر …

اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري ڪئلينڊر سال کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 3.643 ارب ڊالرز جو نمايان اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ڊسمبر 2024ع جي پڄاڻي تي پاڪستان وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.927 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.73  ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.195 ارب ڊالر هو. 15 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 19.57  ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.25 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.315  ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ڪئلينڊر سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 2.525  ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 1.11 ارب ڊالرز جو اضافو ٿيو آهي، جيڪو 2.31 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهي.