وفاقي گهرو وزير جي هنگو ۾ فيڊرل ريزرو پوليس جي قلعي تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت

اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هنگو جي علائقي ۾ فيڊرل ريزرو پوليس جي قلعي تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فيڊرل ريزرو پوليس جي جوانن پنهنجي جان جي قرباني ڏئي، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير  حملي ۾ شهيد ٿي ويل فيڊرل ريزرو پوليس جي …

اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هنگو جي علائقي ۾ فيڊرل ريزرو پوليس جي قلعي تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فيڊرل ريزرو پوليس جي جوانن پنهنجي جان جي قرباني ڏئي، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ گهرو وزير  حملي ۾ شهيد ٿي ويل فيڊرل ريزرو پوليس جي 3 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندن ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي. هن زخمي جوانن جي علاج لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. گهرو وزير چيو ته شهيد جوانن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن جون قربان ضايع نه وينديون.