جده - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي 21 هين غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جده پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جده ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۾ ٿي رهيو آهي. او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي فواد شير، سعودي عرب ۾ پاڪستان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي 21 هين غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جده پهچي ويو

مزید خبریں
جده – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي 21 هين غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جده پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جده ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۾ ٿي رهيو آهي. او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي فواد شير، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل خالد مجيد جده ۾ ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. او آءِ سي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ اعليٰ عملدار او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي تفصيل سان بحث ڪيو ويندو، جيڪا اسرائيلي فوجي جارحيت، غزه تي مڪمل فوجي ڪنٽرول لاءِ تجويز ڪيل منصوبن ۽ فلسطيني عوام جي بنيادي انساني حقن جي وڏي پيماني تي خلاف ورزين جي ڪري وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي.











