وزيراعظم جي خصوصي هدايتن تي غزه جي لاءِ وڌيڪ سامان موڪليو ويو

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي غزه جي لاءِ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور کان هڪ خاص اُڏام ذريعي 100 ٽن امدادي سامان تي ٻڌل مجموعي طور تي 21هين کيپ غزه موڪلي وئي آهي. امدادي سامان ۾ کاڌي جا ٿيلها، تيار کاڌو ۽ دٻن ۾ بند ميوا شامل آهن. اين ڊي ايم پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي غزه جي لاءِ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور کان هڪ خاص اُڏام ذريعي 100 ٽن امدادي سامان تي ٻڌل مجموعي طور تي 21هين کيپ غزه موڪلي وئي آهي. امدادي سامان ۾ کاڌي جا ٿيلها، تيار کاڌو ۽ دٻن ۾ بند ميوا شامل آهن. اين ڊي ايم پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي پاڪستان کان غزه ڏانهن وڌيڪ امدادي سامان موڪليو ويو آهي. غزه لاءِ امدادي سامان جي تازي سلسلي ۾ وڌيڪ 412 ٽن امدادي سامان پنجن اڏامن وسيلي موڪليو ويو آهي. علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور کان هڪ خاص اُڏام وسيلي 100 ٽن امدادي سامان جي مجموعي طور تي 21هين کيپ موڪلي وئي آهي. 21هين کيپ ۾ 100 ٽن امدادي سامان شامل آهي جنهن ۾ کاڌي جا ٿيلها، تيار کاڌو ۽ دٻن ۾ بند ميوا شامل آهن. هيستائين 21 امدادي کيپن وسيلي موڪليل سامان جو وزن 2027 ٽن آهي. ان کان اڳ 23 آگسٽ تي 100 ٽن امدادي سامان تي مشتمل 19هين کيپ لاهور کان موڪلي وئي هئي، جڏهن ته 12 ٽن سامان سان گڏ چوٿين کيپ اسلام آباد مان موڪلي وئي هئي. اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني ترقي وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سرڪاري نمائندا ۽ اين ڊي ايم اي جا اعليٰ آفيسر به تقريب ۾ موجود هئا. وفاقي وزير سامان جي فوري روانگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين فلاحي ادارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جا ٿورا مڃيا. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺو آهي ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو.