اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف 300 انساني حياتيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي هيروز کي اسلام آباد جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادين کي گليشيئر ڦاٽڻ سبب ايندڙ ٻوڏ جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ۽ ڪيتريون حياتيون بچائڻ جي قدمن جي اعتراف ۾ وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي وزيراعظم خاص انعام سان نوازيندو. وزيراعظم …
وزيراعظم شهباز شريف پاران 300 انساني حياتيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي هيروز کي اسلام آباد جي دعوت

مزید خبریں
اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف 300 انساني حياتيون بچائيندڙ گلگت بلتستان جي هيروز کي اسلام آباد جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادين کي گليشيئر ڦاٽڻ سبب ايندڙ ٻوڏ جو اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ۽ ڪيتريون حياتيون بچائڻ جي قدمن جي اعتراف ۾ وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي وزيراعظم خاص انعام سان نوازيندو. وزيراعظم چيو آهي، ته وصيت خان، انصار ۽ محمد خان قوم جا هيرو آهن، محمد خان، انصار ۽ وصيت خان فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي گلگت بلتستان جي انهن هيروز تي فخر آهي، وصيت خان، انصار ۽ محمد خان کي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اسلام آباد جي دعوت ڏني وئي آهي.











