اي پي پي ۽ بنگلاديش جي سرڪاري نيوز ايجنسي (بي ايس ايس) ۾ ميڊيا تعاون جي معاهدي تي صحيحون

ڍاڪا -24 آگسٽ(اي پي پي) پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ بنگلاديش جي سرڪاري نيوز ايجنسي (بي ايس ايس) آچر تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ميڊيا تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. آچر ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ …

ڍاڪا -24 آگسٽ(اي پي پي) پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ بنگلاديش جي سرڪاري نيوز ايجنسي (بي ايس ايس) آچر تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ميڊيا تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. آچر ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ ميڊيا تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏ صحافين جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرامن جو انتظام ڪرڻ آهي. بنگلاديش ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر ۽ بنگلاديش جي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري محبوبه سلطانه معاهدي تي صحيحون ڪيون. صحيحن واري تقريب ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار محمد توحيد حسين پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني جو پريس قونصلر فصي الله وزير پڻ ان موقعي تي موجود هو. معاهدي تحت، ڌريون روزاني جي خبرن ۽ ميڊيا مواد سان گڏ تصويرن ۽ وڊيوز جي مٽاسٽا ڪنديون ته جيئن انهن کي لاڳاپيل صارفين تائين پهچائي سگهجي.