خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ طوفاني برساتن جي نقصانن جي رپورٽ طلب

پشاور-24 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيره اسماعيل خان ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. خيبر پختونخوا جي گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر طرفان جاري بيان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيره اسماعيل خان ۾ طوفاني برساتن جي نقصانن جي رپورٽ طلب ڪندي واپڊا اختيارين کي بجلي جي بحالي لاءِ هنگامي آپريشن جو حڪم جاري ڪيو آهي. …

پشاور-24 آگسٽ(اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيره اسماعيل خان ۾ طوفاني برساتن سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. خيبر پختونخوا جي گورنر جي پبلڪ ريليشنز آفيسر طرفان جاري بيان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيره اسماعيل خان ۾ طوفاني برساتن جي نقصانن جي رپورٽ طلب ڪندي واپڊا اختيارين کي بجلي جي بحالي لاءِ هنگامي آپريشن جو حڪم جاري ڪيو آهي. گورنر چيو ته طوفاني برساتن سبب قيمتي انساني حياتين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي ڏک ٿيو، طوفاني برساتن ۾ فوتين ۽ زخمين جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ شهيدن جي پونئيرن کي صبر عطا فرمائي. گورنر صحت کاتي جي اختيارين کي زخمين جي ڀرپور طبي امداد جي فراهمي جون به هدايتون جاري ڪيون.