نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي 02 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڍاڪا پهچي ويو

اسلام آباد-23 آگسٽ(اي پي پي)نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي 02 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڍاڪا پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ڍاڪا هوائي اڏي تي بنگلاديش جي سفير اسد عالم صيام، پرڏيهي سيڪريٽري، بنگلاديش ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر ۽ بنگلاديش جي ٻين سينيئر اختيارين نائب وزير اعظم محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو. نائب وزير اعظم …

اسلام آباد-23 آگسٽ(اي پي پي)نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي 02 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڍاڪا پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ڍاڪا هوائي اڏي تي بنگلاديش جي سفير اسد عالم صيام، پرڏيهي سيڪريٽري، بنگلاديش ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر ۽ بنگلاديش جي ٻين سينيئر اختيارين نائب وزير اعظم محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو. نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو بنگلاديش جي حڪومت جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزارت موجب ڍاڪا ۾ نائب وزير اعظم جون بنگلاديش جي قيادت سان اهم ملاقاتون ٿينديون. سينٽر محمد اسحاق ڊار جي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ٿيندي. ان کان علاوه هو بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن بابت مشير محمد توحيد حسين سان به ملاقات ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻه طرفن ناتن جي سمورن رخن تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملا به ايجنڊا ۾ شامل آهن.