چٽاگانگ -23 آگسٽ (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ بنگلاديش جو واپارو واري صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چٽاگانگ پهتا، جتي ضلعي انتظاميه ۽ شاهه امانت انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي عملدارن سندن استقبال ڪيو. دوري دوران وفد چٽاگانگ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان ملاقاتون ڪيون. بنگلاديشي شپ بريفنگ انڊسٽري ۽ چٽاگانگ پورٽ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڪاروباري …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جو بنگلاديش جي واپار واري صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين سان گڏ چٽاگانگ جو دورو

مزید خبریں
چٽاگانگ -23 آگسٽ (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ بنگلاديش جو واپارو واري صلاحڪار ايس ڪي بشير الدين هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چٽاگانگ پهتا، جتي ضلعي انتظاميه ۽ شاهه امانت انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي عملدارن سندن استقبال ڪيو. دوري دوران وفد چٽاگانگ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان ملاقاتون ڪيون. بنگلاديشي شپ بريفنگ انڊسٽري ۽ چٽاگانگ پورٽ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڪاروباري برادري سان سڌي ريت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپاري تعاون جي نون امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاجسٽڪ سهولتن کي هٿي ڏيڻ جو به جائزو ورتوو يو. ڪاروباري برادري پاڪ بنگلاديش واپاري لاڳاپن تي پنهنجا قيمتي رايا پيش ڪيا ۽ سڌي ريت اڏامن جي بحالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فري ڪوئنٽ شپنگ سروس ۽ واپار جي ڊجيٽلائيزيشن بابت تجويزون ڏنيون. وفاقي وزير ۽ بنگلاديش جي صلاحڪار ان موقعي تي چيو ته جلد پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ آن ٽريڊ قائم ڪيو پيو وڃي، جيڪو واپاري ڳالهين لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ فراهم ڪندو. ان کان علاوه ريڊي ميڊ گارمينٽس، زرعي شعبي، هيلٿ ڪيئر، ليڌر ۽ ضروري شين ۾ تعاون جي موقعن تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان بنگلاديش وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. هن ڪاروباري برادري کي ڪراچي ۾ 25 کان 27 نومبر تي ٿيندڙ ٽين عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.











