اسلام آباد -23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ڊجيٽل سيڙپڪاري سستي، تيز رفتار ۽ وڌيڪ شفافيت رکندڙ آهي، ملڪ جا 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو ڊجيٽل ڪاروبار سان ڳنڍيل آهن، مستقبل ۾ ڊجيٽل اثاثن جو رجحان وڌندو، ڊجيٽل سيڙپڪاري جي قانون کي به بهتر بڻائڻو پوندو ته جيئن سيڙپڪاري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيس گهجي، وقت جي گهرجن موجب معاشي ترجيحون …
ڊجيٽل سيڙپڪاري سستي، تيز رفتار ۽ وڌيڪ شفافيت رکي ٿي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب خان

مزید خبریں
اسلام آباد -23 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته ڊجيٽل سيڙپڪاري سستي، تيز رفتار ۽ وڌيڪ شفافيت رکندڙ آهي، ملڪ جا 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو ڊجيٽل ڪاروبار سان ڳنڍيل آهن، مستقبل ۾ ڊجيٽل اثاثن جو رجحان وڌندو، ڊجيٽل سيڙپڪاري جي قانون کي به بهتر بڻائڻو پوندو ته جيئن سيڙپڪاري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيس گهجي، وقت جي گهرجن موجب معاشي ترجيحون ترتيب ڏيڻيون پونديون، حڪومت سيرپڪارن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ آهي، ڪرپٽو مائيننگ غور هيٺ آهي، ان حوالي سان ڪرپٽو ڪائونسل جوڙي وئي آهي، ڊجيٽل اثاثن ۽ ڪاروبار جي قانون تي به ڪم جاري آهي، واپاري ۽ سيرپڪار طبقي کي سهولتون فراهمي ترجيح آهي. انهن خيالن جو اظهار هن بلاڪ چين اينڊ ڊجيٽل ايسٽس: ٽيڪنالاجي اينڊ انوويشن جي حوالي سان رٿيل ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن ڪانفرنس جي انتظام سنڀاليندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته اوهان قومي معيشت جي ترقي ۽ نوان معاشي لاڙا متعارف ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته دنيا لاڳيتو اڳتي وڌي رهي آهي، سٺو آهي يا خراب ان تي پوڻ کان سواءِ اسان کي به اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته مون گذريل سال ان کي فالو ڪرڻ شروع ڪيو، پاڪستان جا 20 کان 25 ملين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ريت بلاڪ چين ۽ ڊجيٽل اثاثن سان ڳنڍيل آهن، جن ۾ سيڙپڪار منافعو ڪمائيندڙن سميت ڪڏهن خسارو برداشت ڪندڙ به شامل آهن. هن چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ته اسان جي 10 کان 15 سيڪڙو آبادي هن سرگرمي سان ڳنڍيل آهي، جنهن ۾ اڪثر نوجوان شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان جنهن پوزيشن تي به آهي، اسان ان کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون، اهو ئي سبب آهي جو لاهور يونيورسٽي آف مينجمينٽ لمز قيادت سنڀالي ۽ ٻين حصيدارن جي تعاون سان لمز ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس قائم ڪيو، جنهن تي شراڪتدارن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن چيو ته ناڻي واري وزير طور منهنجو نقطئه نظر مختلف آهي، مان ان کي ريگيوليٽري نقطئه نظر سان ڏسان ٿو. هن چيو ته اهڙي ريت جون گهڻ رخيون سرگرميون ايتري وڏي پئماني تي ٿي رهيون آهن ته قائدا ۽ ضابطا به ضروري آهن. هن چيو ته اسان پنجن ڇهن سالن جي وڏي جدوجهد کان پوءِ وڏي مشڪل سان گري لسٽ مان نڪتا آهيون ۽ اسان ٻيهر ان صورتحال ۾ نٿا وڃڻ چاهيون. هن چيو ته اسان کي ريگيوليٽري روشني ۾ انهن سرگرمين کي مختلف نظر سان ڏسڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته هي پاڪستان لاءِ هڪ اهم موقعو ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي اڳيان وٺي وڃڻ گهرجي، مالياتي حصيداري، شفافيت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ کي نظر ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته موجوده دور ۾ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ ذريعي خدمتن جي فراهمي تيز، سستي ۽ اڳ کان بهتر ٿي آهي ۽ هر شخص اهو ئي چاهي ٿو. هن چيو ته بلاڪ چين، اي آءِ ۽ ڪرپٽو وغيره به ٽيڪنالاجي جي بنياد تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻو پاڪستان لاءِ لائيف لائين جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪيترائي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان وٽ اضافي توانائي موجود آهي، ۽ اسان ان کي ويليو چين ذريعي ڪرپٽو مائيننگ، اي آءِ، ڊيٽا سينٽر وغيره ۾ استعمال ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪرپٽو ڪائونسل جي قيام جي سلسلي ۾ ان حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، جنهن کان پوءِ پاڪستان ورچوئل اسيسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي آرڊيننس تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان پهريون اجلاس ايندڙ سومر تي ٿيندو، جنهن ۾ پاليسي معاملن جي ايجنڊا ۽ ٽرمس جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان خوشقسمت آهيون ته اسان کي عالمي معاونت به حاصل آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ٻيا ملڪ ان تي وڃي چڪا آهن يا وڃي رهيا آهن ته اسان کي به اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ نمايان پوزيشن تي هجي، اسان کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسان جي مفادن تي ڪو به سمجهوتو نه ٿئي. اسان کي ٻين ملڪن جي تجربن کي ڏسي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته بلاڪ چين جي حوالي سان قانون جلد ئي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿي ويندا، جن لاءِ اسان مختلف ملڪن جي قانونن مان لاڀ پرايو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت قومي معيشت جي ترقي ۾ نجي شعبي جي ڪردار جو اعتراف ڪري ٿي ۽ وزيراعظم جي ويزن موجب نجي شعبي کي بهترين ماحول جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيندي ريگيوليٽري قانونن ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيووڃي. هن چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي جي حوالي سان اسان کي شروعاتي تجرباتي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان نجي شعبي، اڪيڊميا ۽ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي قومي معيشت کي جديد معيشت ۾ بدلڻو پوندو. ان حوالي سان جامع حڪمت عملي تحت خاص ڪري نوجوانن جي شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي هن سيمينار جي انتظاميه ۽ لمز جي انتظاميه سميت ٻين شراڪتدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو.











