آءِ ايس پي آر سمر انٽرن شپ 2025ع جو سفر ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو

اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر انٽرن شپ 2025ع جو سفر ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو. پاڪستان جي سڀ کان وڏي انٽرن شپ پروگرام ۾ سڄي ملڪ جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. 06 هفتن تي ٻڌل سمر انٽرن شپ 2025ع ۾ 33 شهرن جي 6500 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 150 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ غير سرڪاري …

اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر سمر انٽرن شپ 2025ع جو سفر ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو. پاڪستان جي سڀ کان وڏي انٽرن شپ پروگرام ۾ سڄي ملڪ جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. 06 هفتن تي ٻڌل سمر انٽرن شپ 2025ع ۾ 33 شهرن جي 6500 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 150 کان وڌيڪ سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارن جا شاگرد شامل هئا.تعليم ۽ تربيت سان ڀرپور سمر انٽرن شپ ۾ ملڪ جي ناميارن شخصيتن جي شاگردن سان خاص ويهڪ جو بندوبست ڪيو ويو. شاگردن پي ايم اي ڪاڪول، اين سي ٽي سي پي، پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري واهه ڪينٽ سميت ڪيترن ئي فوجي ٺڪاڻن جو دورو به ڪيو. ان کان علاوه شاگردن پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ صلاحيتن جو به جائزو ورتو. ڊي جي آءِ ايس پي آر سان به شاگردن جي خصوصي ويهڪ منعقد ڪئي وئي. انٽرن شپ جي پڄاڻي تي شاگردن کي آءِ ايس پي آر طرفان اعزاي سندون ۽ سرٽيفڪيت پڻ ڏني ويا.