سي ٽي ڊي سنڌ ۽ وفاقي حساس اداري جي گڏيل ڪارروائي، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو

ڪراچي -23 آگسٽ (اي پي پي) سي ٽي ڊي سنڌ ۽ وفاقي حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي، ڪراچي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو آهي. اها ڳالهه گذريل ڏينهن ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي آپريشن سي ٽي ڊي عرفان بهادر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي. هنن چيو ته گرفتار جوابدارن …

ڪراچي -23 آگسٽ (اي پي پي) سي ٽي ڊي سنڌ ۽ وفاقي حساس اداري گڏيل ڪارروائي ڪندي، ڪراچي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو آهي. اها ڳالهه گذريل ڏينهن ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي غلام اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي آپريشن سي ٽي ڊي عرفان بهادر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي. هنن چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ عمير، سجاد، عبيد ۽ شڪيل شامل آهن، سندن تعلق ”را“ سان مليو آهي. هنن چيو ته بدين جي 45 سالن جي عبدالرحمان جي قتل جي جاچ سان ”را“ نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو، عبدالرحمان کي 18 مئي تي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو هو. جوابدارن خلاف وڌيڪ جاچ سي ٽي ڊي کي منقتل ڪئي وئي. جاچ ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو ڪردار واضح طور سامهون آيون، ”را“ جي مالي ۽ لاجسٽڪ مدد سان دهشتگرد نيٽ ورڪ هلايو پئي ويو.هنن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن لاءِ ”را“ جو سيف هائوس قائم هو جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جي منصوبابندي پرڏيهه ۾ ڪئي وئي هئي. را ايجنٽ سنجيو ڪمار عرف فوجي نار رياست ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني سلمان ۽ ارسلان کي ايجنٽ بنايو، سلمان، عمير، سجاد، عبيد ۽ شڪيل تي ٻڌل ٽارگيٽ ڪلرز گينگ ٺاهي، ”را“ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز لاءِ وڏي رقم فراهم ڪئي. ”را“ طرفان فنڊنگ لاءِ رقم بئنڪن ذريعي ٿيندي هئي. پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ بم ڌماڪن ۽ دهشتگردي ۾ ”را“ جي ملوث هجڻ جو شاهديون سامهون آيون آهن. ”را“ جي گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز جي قبضي مان هڪ بم، هٿيارن ۾ 9 ايم ايم پستول، 30 بور پستول ۽ 125 موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي. سي ٽي ڊي دهشتگردي جي خاتمي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن ”را“ جي لوڪل ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي  سان به ثابت ٿيو آهي. گرفتار جوابدار ڪراچي ۾ دهشتگردي جي مختلف منصوبن سميت پاڪستان ۾ قتل لاءِ ڀارتي فنڊنگ جو به اعتراف ڪري ورتو جڏهن ته جوابدارن ”را“ جي پٺڀرائي ۾  قتل لاءِ رقم وصول ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو.