فلسطيني عوام لاءِ 100 ٽن امدادي سامان تي ٻڌل 19هين کيپ غزه لاءِ رواني، پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي: ملڪ محمد احمد خان

لاهور-23 آگسٽ(اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي غزه ۾ فلسطينين لاءِ امدادي سامان جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي ۽ اين ڊي ايم اي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان غزه لاءِ 100 ٽن امداي سامان جي 19هين کيپ چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور کان رواني ڪئي وئي. روانگي جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب پڻ منعقد ٿي. جنهن ۾ خاص مهمان پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد …

لاهور-23 آگسٽ(اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي غزه ۾ فلسطينين لاءِ امدادي سامان جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي ۽ اين ڊي ايم اي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان غزه لاءِ 100 ٽن امداي سامان جي 19هين کيپ چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور کان رواني ڪئي وئي. روانگي جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب پڻ منعقد ٿي. جنهن ۾ خاص مهمان پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان هو جڏهن ته اين ڊي ايم اي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي نمائندن به شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان چيو ته پاڪستان مشڪل جي ان گهڙي ۾ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي، فلسطينين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ تي اين ڊي ايم اي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي اثرائتي رابطا ڪاري ۽ لاجسٽڪ انتظام ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو تعاون صرف امداد نه پر اسلامي ڀائيچاري جو مظهر آهي، غزه جي عوام جي مدد پاڪستان جي اصولي موقف جو تسلسل آهي. هن چيو ته فلسطين جي مستحقن تائين امداد بنا دير پهچڻ گهرجي، اميد آهي ته پاڪستان طرفان امدادي اڏام جي کيپ العريش، مصر جي رستي خيريت سان پهچندي. الخدمت فائونڊيشن جي صدر پروفيسر حفيظ الرحمان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان طرفان غزه جي عوام لاءِ هاڻي تائين مجموعي طور تي 1915 ٽن امدادي سامان روانو ڪري چڪا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته غزه جي مسلمانن لاءِ ان طرح جون امدادي سرگرميون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.