راولپنڊي-22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش بچاءُ ۽ سيڪيورٽيءَ جي شعبي ۾ موجوده تعاون کي وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان بنگلاديشي فوج جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد فيض الرحمان جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين خطي ۾ موجوده …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سان بنگلاديشي فوج جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي-22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش بچاءُ ۽ سيڪيورٽيءَ جي شعبي ۾ موجوده تعاون کي وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان بنگلاديشي فوج جي ڪوارٽر ماسٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد فيض الرحمان جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين خطي ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بچاءُ ۽ سيڪيورٽيءَ جي شعبي ۾ موجوده تعاون کي وڌائڻ لاءِ گڏيل عزم تي زور ڀريو. چيئرمين جي سي ايس سي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جي وڌندڙ رفتار تي روشني وڌي ۽ دفاعي تعاون جي نين راهن جي نشاندهي ڪئي. معزز مهمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ان جي قربانين جو اعتراف ڪيو.











