صدر پاران 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 160 تحت 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم  شهزاد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته صدر آئين جي آرٽيڪل 160 تحت 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 160 تحت 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم  شهزاد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته صدر آئين جي آرٽيڪل 160 تحت 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن پنهنجي پوسٽ سان نوٽيفڪيشن جي ڪاپي پڻ ڳنڍي آهي. ناڻي وارو وزير ڪميشن جي قيادت ڪندو، ڪميشن ۾ صوبائي ناڻي وارا وزير، نامزد ماهر شامل هوندا. ڪميشن اوڳاڙين ۽ گرانٽس جي ورڇ، قرض وٺڻ جي اختيارن ۽ قومي منصوبن ۾ خرچن جي حصيداري جي حوالي سان سفارشون جوڙيندو. نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وفاقي وزير اين ايف سي جو چيئرمين هوندو، سنڌ جي ناڻي وارو وزير، پنجاب جي ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخواهه جي ناڻي وارو وزير، بلوچستان جي ناڻي وارو وزير، ناصر محمد کوسا (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، ڊاڪٽر محمد رسول سيان (خيبرپختونخواهه حڪومت) ۽ فرمان الله (بلوچستان حڪومت) ڪميشن جا ميمبر هوندا. نوٽيفڪيشن موجب آئين جي شق 160 جي شق (2) تحت صدر کي سفارشون پيش ڪرڻ جي لاءِ 11هين قومي مالياتي ڪميشن جون شرطون پڻ جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ ائين جي شق 160 جي شق (3) ۾ بيان ڪيل وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٽيڪسن جي نج آمدني جي ورڇ، وفاقي حڪومت پاران صوبائي حڪومتن کي گرانٽس ايڊ فراهم ڪرڻ جو طريقو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي قرض وٺڻ جي آئيني اختيارن جي استعمال بابت معاملن، اهي معاملا جيڪي مالي خرچن جي ورڇ بابت آهن، جيڪي وفاق صوبن جي دائري ۾ ايندڙ مضمونن يا معاملن تي ڪيا آهن يا ڪرڻا آهن، اهي معاملا جيڪي مالي خرچن جي ورڇ بابت آهن، جيڪي وفاق، صوبن يا ٻنهي بين الصوبائي نوعيت جي معاملن تي ڪيا آهن يا ڪرڻا آهن، قومي منصوبن جي مالي خرچن بابت معاملن، جن کي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ گڏيل طور تي ورهائڻو آهي ۽ ڪو به ٻيو مالياتي معاملو جيڪو صدر پاران ڪميشن ڏانهن موڪليو وڃي، شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب فنانس ڊويزن، رولز آف بزنس 1973ع تحت ڪميشن کي سيڪريٽريٽ مدد فراهم ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:16