عوام دريائن ۽ برساتي نالن ويجهو اچ وڃ کان پاسو ڪري: صوبائي وزير ڄام خان شورو

ڪراچي-22 آگسٽ(اي پي پي) آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي عوام کي  دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو اچ وڃ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌو دريا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. آبپاشي واري وزير آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته …

ڪراچي-22 آگسٽ(اي پي پي) آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي عوام کي  دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو اچ وڃ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌو دريا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. آبپاشي واري وزير آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته دريائن جي ڪنارن ۽ بچاءَ بندن کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ انهن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. ڄام خان چيو ته بئراجن ۽ بندن تي آفيسرن ۽ عملي جون ڊيوٽيون لاڳايون وڃن ۽ عملي کي هر وقت الرٽ رکيو وڃي. هن عوام کي به اپيل ڪئي ته  دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو اچ وڃ کان پاسو ڪن. اجلاس دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري آبپاشي واري وزير کي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ايم ڊي سيڊا پريتَم داس،سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج جا چيف انجنيئرز، سدرن سنڌ ڊرينيج ريجن، پي ڊي ٿر ڪول واٽر ورڪس پروجيڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ آن لائين شرڪت ڪئي.