صدر کي سريلنڪا، انڊونيشيا، ڪرغزستان، آسٽريا ۽ جرمني جي سفيرن پاران سفارتي سندون پيش

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سريلنڪا، انڊونيشيا، ڪرغزستان، آسٽريا ۽ جرمني سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ۽ انڊونيشيا، ڪرغزستان، آسٽريا ۽ جرمني جي سفيرن سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سريلنڪا، انڊونيشيا، ڪرغزستان، آسٽريا ۽ جرمني سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ منعقد تقريب دوران سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ۽ انڊونيشيا، ڪرغزستان، آسٽريا ۽ جرمني جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن صدر سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل ايڇ ايل اي ڊون فريڊ سيني ويرانٽي، انڊونيشيا جي سفير/ آسيان ملڪن جي چيئرمين چندرا وار سينانتو، ڪرغزستان جي سفير ڪليچ بيڪ سلطان، آسٽريا جي سفير وولف گينگ اوليور ڪٽشيرا ۽ جرمني جي سفير ائنا روٿ لوئس ليپل پنهنجون سفارتي سندون صدر آصف علي زرداري کي پيش ڪيون. سفيرن جي اچڻ تي هٿياربند فوج جي هڪ دستي انهن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. صدر هاءِ ڪمشنر ۽ سفيرن کي انهن جي نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۾ سندن قيام ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون کي وسيع بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.