وزيراعظم پاران پاڻي وسيلن واري وزارت کي متاثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام بحال ڪرڻ ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻي وسيلن واري وزارت کي متاثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام بحال ڪرڻ ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد قومي فرض آهي، ريسڪيو ۽ امداد کانپوءِ انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻي وسيلن واري وزارت کي متاثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام بحال ڪرڻ ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد قومي فرض آهي، ريسڪيو ۽ امداد کانپوءِ انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازي برساتن ۽ ٻوڏ جي نقصانن ۽ جاري امدادي قدمن تي جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڻي وسيلن واري وزارت کي هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام بحال ڪرڻ ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت جي مڪمل مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته تازي برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد قومي فرض آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ امداد کانپوءِ انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ندي نالن ۽ پاڻي جي قدرتي گذرگاهن جي ڀرپاسي اڏاوتن کي روڪڻ جي لاءِ قومي سطح تي مهم هلائينداسين. وزيراعظم متاثر علائقن ۾ جتي جتي امدادي ڪارروايون جاري آهن اتي لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي. هن امڪاني ٻن اسپيلز جي حوالي سان خطري ۾ ورتل آبادين کي اڳواٽ آگاهي فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته گلگت بلتستان ۾ گذريل رات گليشيئر ڦاٽڻ سبب نڪرندڙ ملبي سان ٺهيل ڍنڍ جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ممڪن طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن جو انخلا يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي چيئرمين کي ان ڍنڍ جي نگراني ۽ بنا ڪنهن نقصان جي پاڻي جي اخراج جي لاءِ پاڪ فوج ۽ ايف سي اين اي جي انجنيئرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ جي اترئين ۽ ڏاکڻي حصن ۾ متوقع برساتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي دريائن جي صورتحال ۽ گليشيئرز جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني وئي. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين جي ڪوآرڊينيشن جي لاءِ قائم ڪيل سينٽرل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، ميان محمد معين وٽو، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، خاص معاون مبارڪ زيب، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.