قوم ڀارت جي خلاف جنگ ۾ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل رهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قوم ڀارت جي خلاف جنگ ۾ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل رهي، معرڪه حق ۾ ڪاميابي سان دنيا جي نقشي تي هڪ نئون پاڪستان اڀريو آهي، وزيراعظم ڪاڪول ۾ خطاب دوران پهلگام واقعي جي جاچ جي ڳالهه ڪئي ته پوري دنيا اسان سان گڏ بيٺل رهي، وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قوم ڀارت جي خلاف جنگ ۾ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل رهي، معرڪه حق ۾ ڪاميابي سان دنيا جي نقشي تي هڪ نئون پاڪستان اڀريو آهي، وزيراعظم ڪاڪول ۾ خطاب دوران پهلگام واقعي جي جاچ جي ڳالهه ڪئي ته پوري دنيا اسان سان گڏ بيٺل رهي، وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميٽنگ گهرائي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، پاڻي جي معاملي تي اسٽينڊ ورتو ويو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪامياب حڪمت عملي ٺاهي ۽ ان تي عملدرآمد ٿيو، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو ۽ سندس شاهينن ان جنگ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ بحريه جي جوانن جي ملڪ جي دفاع لاءِ پوري تياري هئي، ڀارت جي ”رائيزنگ انڊيا“ جي جعلي بيانيي جي پت وائکي ٿي وئي، انڊيا جو غرور ۽ اڪڙ خاڪ ۾ ملي ويو، جنگ دوران پاڪستاني ميڊيا رياست جي بيانيي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو جڏهن ته اطلاعات واري وزارت ۾ قائم جديد ڊيجيٽل وار روم بيانيي جي جنگ ۾ فيصلائتو ثابت ٿيو. هو ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڀارت جي خلاف ڪاميابي سان جنگ وڙهي وئي، ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي رائيٽ آف ڪري رهيا هئا پر الله تعاليٰ پاڪستان جي عزت ۽ وقار وڌايو، سڄي دنيا ۾ سائي پاسپورٽ جي توقير ۾ اضافو ٿيو ۽ پوري دنيا ڏٺو ته پوري پاڪستاني قوم متحد ٿي اهو معرڪو سر ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير جنگ دوران فلور آف دي هائوس تي پنهنجي تقرير جو حوالو ڏنو جنهن ۾ هن چيو هو ته اڄ اهو وقت اچي ويو آهي ته اسان پاڻ ۾ متحد ٿي بطور قوم اها جنگ وڙهون. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مهرباني سان اسان پنهنجي زندگين ۾ پاڪستان کي ان فتح سان همڪنار ٿيندي ڏٺو، ان فتح ۾ حصو وجهڻ ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي توفيق اسان کي حاصل ٿي. هن چيو ته ان معرڪي ۾ سڀ کان پهرين بيانيي جي جنگ شروع ٿي، دشمن وٽ وسيلا ۽ عالمي اثررسوخ وڌيڪ هو پر اسان وٽ سچ جي طاقت هئي ۽ سچ جي انهي طاقت مڪار دشمن کي ناڪام ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن وزيراعظم ڪاڪول ۾ پهلگام واقعي جي جاچ جي ڳالهه ڪئي ته پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي ۽ ڀارت جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جنگ دوران ڊيجيٽل وار روم قائم ڪيو جنهن بيانيي جي جنگ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ميديا حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اها جنگ وڙهي، اطلاعات واري وزارت اڪيلي اهو معرڪ سر نه پئي ڪري سگهي. هن ڊي جي آءِ ايس پي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته مڪمل هم آهنگي قائم رهي، هر لمحي رابطو رهيو، انٽرنيشنل ميڊيا تي حڪمت عملي جي ذريعي گڏيل موقف پيش ڪيو ويو، اهو هڪ ۽ هڪ يارهن جو مثال هو ته سڀني پنهنجي پنهنجي محاذ تي ڪاميابي سان اها جنگ وڙهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيو، دنيا جا ماڻهو هاڻي چون ٿا ته هي اها قوم آهي جنهن ڀارت کي شڪست ڏني آهي. هن چيو ته ڀارت جي ”رائيزنگ انڊيا“ جي جعلي بيانيي جي پت وائکي ٿي وئي آهي، انڊيا جو غرور ۽ اڪڙ خاڪ ۾ ملي چڪا آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي گڏجاڻي گهرائي ۽ پاڻ ان کي چيئر ڪيو، اهم فيصلا ڪيا ۽ پاڻي جي معاملي تي اسٽينڊ ورتو، پاڪ فوج نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد ڪيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪامياب حڪمت عملي ٺاهي، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو ۽ سندس شاهينن ان جنگ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ نيوي جي جوانن جي پوري تياري هئي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته ”آپريشن دوارڪا“ جي تاريخ ورجائي ويندي. هن چيو ته جڏهن دشمن ڪراچي جو پورٽ تباهه نه ڪري سگهيو ته ان جي ميڊيا لاهور يا ملتان جي پورٽس کي نشانو بڻائڻ جي ڪوڙي واويلا ڪئي، جيترو سچ هتان پئي ويو ايترو ئي ڪوڙ اتان اچي رهيو هو ۽ ڀارت جي ميڊيا بري طرح بي نقاب ٿي چڪي هئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ميڊيا پرڏيهي پاليسي جو ترجمان ۽ سفارتي ڪوششن جو حصو بڻجي ملڪ جي دفاع لاءِ موثر ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارتي ميديا جو ڪوڙ دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. عطاءُ الله تارڙ بيانيي جي جنگ ۾ سي پي اين اي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سي پي اين اي جي ان تاريخي ڪردار کي سنهري لفظن ۾لکيو ويندو. سي پي اين اي وار ٽائيم باڊي آهي ۽ ان کي ان جي سطح تي ساراهڻ گهرجي جڏهن ته اعزازن سان به نوازڻ گهرجي ڇو ته بيانيي جي جنگ ۾ ان ڪائونسل جو ڪردار غيرمعمولي آهي. وفاقي وزير چيو ته هي ملڪ انشاءَالله قيامت تائين قائم رهندو، ڀارت رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو ۽ اسان فجر جي نماز پڙهي فتح ميزائيل فائر ڪيا، پوري قوم شيهي جي ديوار بڻيل رهي، الله تعاليٰ جنگ کان اڳ، جنگ دوران ۽ جنگ کانپوءِ عزت ۽ وقار سان نوازيو. هن چيو ته حڪومت قومي معاملن تي ميڊيا سان ڀرپور تعاون جاري رکندي، اسان جا دروازا سي پي اين اي جي لاءِ سدائين کليل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي يوٽيوب چينلز جي بندش کانپوءِ ڀارتي پليٽ فارم تي پاڪستاني اشتهار هلائڻ جي حڪمت عملي جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اها هڪ ڪامياب حڪمت عملي هئي جنهن ڀارت ۾ پاڻ ان جي حڪومت تي دٻاءُ وڌو. هن چيو ته جنگ دوران هر محاذ تي فتح گڏيل ڪوشش هئي، ايوارڊز اصل ۾ پوري ٽيم جو اعزاز آهي، اطلاعات واري وزارت، ميڊيا جا ادارا ۽ رياستي ادارا سڀ ان ڪاميابي جا حقدار آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير شاڪر شجاع آبادي جو هڪ شعر پڻ پڙهيو.