ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رابطن وارا رستا مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي نظام جي بحالي جي سرگرمين کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ رابطن وارا رستا مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن، صوبائي رستن تي ڪم جاري آهي، بجلي جي نظام ۾ پڻ بهتري آئي آهي. اها ڳالهه هن وزيراعظم محمد …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي نظام جي بحالي جي سرگرمين کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ رابطن وارا رستا مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن، صوبائي رستن تي ڪم جاري آهي، بجلي جي نظام ۾ پڻ بهتري آئي آهي. اها ڳالهه هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ تازي برساتن ۽ ٻوڏ جي نقصانن ۽ جاري امدادي قدمن جي حوالي سان منعقد اجلاس کانپوءِ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي حڪومت جا وزير، سيڪريٽريز، اين ڊي ايم اي چيئرمين، سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ريليف سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ رستن ۽ بجلي جي نظام جي بحالي جي حوالي سان معاملا اطمينان جوڳا آهن، رابطي جا رستا مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن جڏهن ته صوبائي رستن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته بجلي جي نظام ۾ به بهتري آئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ برساتن جا وڌيڪ اسپلز اچڻا آهن، اين ڊي ايم اي جي اسٽيٽ آف دي آرٽ سسٽم تحت ارلي واننگ جنريٽ ڪئي وڃي ٿي.