پاڪستان ۽ چين پنهنجي ”سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري“ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پنهنجي ”سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري“ کي ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون جي ذريعي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جو حصو آهي ته جيئن حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هفتيوار پريس بريفنگ کي …

اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پنهنجي ”سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري“ کي ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي تعاون جي ذريعي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جو حصو آهي ته جيئن حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان ٻڌايو ته چين جي پرڏيهي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر وانگ زي 21 آگسٽ 2025ع تي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي اسلام آباد جو دورو ڪيو ته جيئن ڇهين پاڪستان – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل صدارت ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جن ۾ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن، گهڻ رخي تعاون، عوامي رابطي ۽ اهم علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻڌايو ته چيني پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقاتون ڪيون، صدر سان ملاقات ۾ آصف علي زرداري پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي ترقي جي حمايت تي چين جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ڪشمير مسئلي تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ اهم جز قرار ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز سريف سان ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي قومي مفادن تي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت واپار، آءِ سي ٽي، زراعت، صنعتي ترقي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ۾ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ دفاعي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي سطح تي هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي هڪ تسلسل جو حصو آهي ته جيئن حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هن اهو به ٻڌايو ته پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن واري ڇهين ٽه ڌري ملاقات 20 آگسٽ 2025ع تي ڪابل ۾ ٿي. ان ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير مولوي امير خان متقي شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي ڌرين دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ واپار، ٽرانزٽ، صحت، تعليم، ثقافت، منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سي پيڪ کي افغانستان تائين توسيع ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻڌايو ته ان موقعي تي اسحاق ڊار مولوي متقي سان ٻطرفي ملاقات ۾ سياسي ۽ اقتصادي اڳڀرائي کي ساراهيو پر دهشتگردي جي خاتمي ۾ ناڪافي تعاون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اسحاق ڊار 17 کان 19 آگسٽ 2025ع تي برطانيا جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن مڊل ايسٽ، افغانستان ۽ پاڪستان جي لاءِ برطانوي پارلياماني انڊر سيڪريٽري هميش فولڪنر، ڪيترن ئي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن، لارڊ قربان حسين ۽ ڪشميري ڪميونٽي جي اڳواڻن ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل بيرونس شرلي بوٽچوي سان ملاقات ڪئي. بيرونس پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي. دوري دوران اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ ڊيجيٽل زمين رڪارڊ سروسز ۽ ون ونڊو پاسپورٽ نظام جو افتتاح پڻ ڪيو ته جيئن پاڪستاني ڪميونٽي کي سهولت ڏئي سگهجي. هن برٽش پاڪستاني وڪيلن جي فورم کي خطاب ۾ ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوششن کي خطرو قرار ڏنو. هن تصديق ڪئي ته 12 گسٽ 2025ع تي اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر گريگوري لوجرفو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي بي ايل اي، داعش – خراسان ۽ ٻين گروهن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان آمريڪا پاران بي ايل اي ۽ ان جي مجيد برگيڊ گروپ کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏيڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو پاڪستان جي قربانين ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جو اعتراف آهي. پاڪستان ۽ چين 18 آگسٽ تي بيجنگ ۾ هٿيارن جي ڪنٽرول، عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي تي 10هين ٻطرفي مشاورت ڪئي. پاڪستان جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري طاهر اندرابي ۽ چين پاران سن شيائوبو ڪئي. ٻنهي ڌرين عالمي ۽ علائقائي سلامتي، ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي ۽ خلا جي پرامن استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايندڙ مشاورت 2026ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندي. هن ٻڌايو ته 8 آگسٽ 2025ع جي ان فيصلي جي آجيان ڪئي جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي تي ثالثي عدالت پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو ۽ ڀارت پاران معاهدي جي خلاف ورزي جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اهو فيصلو معاهدي جي حتمي ۽ لازمي نوعيت جي توثيق ڪري ٿو ۽ ڀارت جي هڪطرفي ڪوششن کي بي نقاب ڪري ٿو. ترجمان اسرائيلي بيانن جي سخت مذمت ڪئي جن ۾ ”گريٽر اسرائيل“ ٺاهڻ ۽ فلسطينين کي غزه مان بيدخل ڪرڻ جو ذڪر هو. هن چيو ته اهڙا بيان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزر قرار ڏنو. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ان بي بنياد الزامن کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جو نيوڪليئر بليڪ ميلنگ جو بيانيو هڪ گمراهه ڪندڙ، خودساخته مفروضو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي بدنام ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست آهي جنهن جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول مڪمل طور تي سويلين نگراني ۾ آهي ۽ سدائين برداشت ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز نه رڳو ملڪ پر خطي ۽ دنيا جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف ڍال رهي آهي. هن ڀارت تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن به حقيقتون سامهون اچن ٿيون، ڀارت اشتعال انگيزي ۽ جنگي بيانن جو سهارو وٺي ٿو. هن چيو ته هٿ ٺوڪيا الزام ۽ ڪوڙو بيانيو نئين دهلي جي سفارتي ڪمزوري کي ظاهر ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ٻين طاقتن کي به ڀارت جي پروپئگنڊه ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش بي اثر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ميمبر هجڻ جي ناطي پنهنجي ڪردار کي جاري رکندو جڏهن ته جيڪڏهن ڀارت ڪو جارحاڻو قدم کنيو يا پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي ته ان جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ڪنهن به ڇڪتاڻ جي ذميواري ڀارتي قيادت تي هوندي. هن چيو ته ڀارت کي اشتعال انگيز بيان ڏيڻ بدران پنهنجا عالمي فرض پورا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، خاص طور تي علائقائي امن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ سنڌ طاس معاهدي جهڙن عالمي معاهدن تي عملدرآمد جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.