اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جو ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس روانو ٿي ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پرڏيهي وزير وانگ زي کي الوداع ڪيو، ان موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستان جو سفير ۽ سندس چيني هم منصب ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود …
چين جو پرڏيهي وزير وانگ زي پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس روانو

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جو ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس روانو ٿي ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پرڏيهي وزير وانگ زي کي الوداع ڪيو، ان موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستان جو سفير ۽ سندس چيني هم منصب ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. ٻارڙن جي هڪ گروپ ريڊ ڪارپيٽ تي قطار ۾ بيهي پاڪستان ۽ چين جا جهنڊا لہرائي مهمان کي الوداع ڪيو، جيڪو اربع ڏينهن پاڪستان جي دوري تي پهتو هو. ٽن ڏينهن جي دوري دوران چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڇهين پاڪستان- چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڳالهين جي دور جي گڏيل صدارت ڪئي جيڪو اجلاس خميس ڏينهن منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ اهم آهي جڏهن ته اها ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پڻ ضروري آهي. چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، جيڪي هر قسم جي حالتن ۽ موسمن ۾ آزمايل دوست ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي ترقي جي تحفظ ۾ چين جي ثابت قدم حمايت جي وڏي واکاڻ ڪئي. پنهنجي مُلڪ واپس روانو ٿيڻ کان اڳ پرڏيهي وزير وانگ زي آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











