اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي ترقي جي تحفظ ۾ چين جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيندي چين سان واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشنز ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعتڪاري، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي ترقي جي تحفظ ۾ چين جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيندي چين سان واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشنز ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعتڪاري، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، هٿياربند فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ڪابينا جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيني پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چين جي قيادت، حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي ترقي جي تحفظ ۾ ان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن بنيادي معاملن تي چين جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام جي سوچ موجب چين سان پنهنجي سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي دورانديش قيادت ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط دوستي کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. گذريل سال بيجنگ جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان پنهنجي انتهائي خوشگوار ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي ياد تازي ڪندي وزيراعظم چيو ته هو تيانجن ۽ بيجنگ جي دوري جو منتظر آهي، جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس (سي ايڇ ايس) ۾ شرڪت ڪندو، ان کانسواءِ هو چائنيز پيپلز وار آف ريزسٽنس ۽ ورلڊ اينٽي فاشسٽ وار ۾ فتح جي 80هين سالگرهه جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ ٻين سينيئر چيني اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ سي ٽي، زراعت، صنعتڪاري، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ ٻين اهم شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ فيز ٽو) جي حوالي سان مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجو انتهائي مضبوط دوست ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. هن پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ساراهيندي ورجاءُ ڪيو ته چين علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.











