اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀاءُ، وقت جا آزمايل دوست ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيدار آهن ۽ چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي جنهن کي پاڪستان ۾ عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي سطح تي متفقه حمايت حاصل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اها …
پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀاءُ، وقت جا آزمايل دوست ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيدار آهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀاءُ، وقت جا آزمايل دوست ۽ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيدار آهن ۽ چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي جنهن کي پاڪستان ۾ عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي سطح تي متفقه حمايت حاصل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اها ڳالهه ايوان صدر ۾ چين جي پرڏيهي وزير ۽ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر وانگ زي سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي چين جو نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ پڻ موجود هئا. صدر پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي ۽ منصفاڻي موقف جي لاءِ مسلسل حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر بيجنگ ۽ چين جي صوبي گانسو ۾ تازي ٻوڏ ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي پڻ افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر هلندڙ سال جي شروع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوران سندس صدر شي جن پنگ ۽ چين جي اعليٰ قيادت سان ڪامياب ملاقاتون ٿيون. اهو دورو پاڪستان – چين مضبوط ڀائيچاري تي منهنجي اعتماد جو مظهر هو. صدر چيو ته پنهنجي گذريل صدارت جي دور ۾ هن چين جا 14 دورا ڪيا ته جيئن ملڪ جي ترقي ۽ اڳڀرائي کي ويجهي کان سمجهي سگهون جيڪو بعد ۾ پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات سان ثابت ٿيو. هن چيو ته 2026ع پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه آهي ۽ پاڪستان ان اهم موقعي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ان موقعي کي استعمال ڪندي پاڪ چين دوستي جون بهترين روايتون پنهنجي نئين نسلن تائين منتقل ڪري سگهن ٿا. صدر سي پيڪ کي جيڪو صدر شي جن پنگ جي فليگ شپ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو حصو آهي پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي لاءِ بي پناهه اسٽريٽجڪ اهميت وارو قرار ڏنو. هن چيو ته سي پيڪ اسان جي گڏيل ويزن يعني خطي ۾ بهتر رابطن، اقتصادي انضمام ۽ پرامن پاڙيسريت جي خواب کي تعبير ڪرڻ جو هڪ اهم جز آهي. پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي نسل در نسل قائم رهي آهي، جيڪا گڏيل خيرسگالي، اعتماد ۽ مضبوط سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيداري تي ٻڌل آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جو ويزن آهي ته پاڪستان ۽ چين جو مستقبل گڏيل آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته چين اهم موقعن تي پاڪستان جي حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي ميمبر حنا رباني کر، صدر جو ترجمان مرتضيٰ سولنگي، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پاڪستان جو چين ۾ سفير پڻ موجود هئا.











