وڏي قيمت وارا قدرتي وسيلا معاشي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ذخيرن جي ڪري درآمدي گئس تي دارومدار گهٽ ٿيڻ سان پرڏيهي ناڻي جي بچت کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته وڏي قيمت وارا قدرتي وسيلا معاشي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير نوابزاده خالد حسين مگسي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ذخيرن جي ڪري درآمدي گئس تي دارومدار گهٽ ٿيڻ سان پرڏيهي ناڻي جي بچت کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته وڏي قيمت وارا قدرتي وسيلا معاشي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير نوابزاده خالد حسين مگسي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي وزيراعظم کي جهل مگسي گئس فيلڊ منصوبي تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته جهل مگسي گئس فيلڊ منصوبي تحت گئس جي قومي پهچ ۾ شموليت سان درآمدي گئس تي دارومدار گهٽ ٿيندو ۽ ساليانو 298 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي. هن وزيراعظم کي پراجيڪٽ جي افتتاح جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجوده وڏي قيمت وارا قدرتي وسيلا ملڪي معاشي مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ملڪي ذخيرن جي ڪري درآمدي گئس تي دارومدار گهٽ ٿيڻ سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ساراهه جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته جهل مگسي گئس فيلڊ جي گئس جي قومي پهچ ۾ شموليت هڪ بهتر قدم آهي.