9 – مئي جي ڪيسن جو اڃا ٽرائل جاري آهي، شادمانا وڄائيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ضمانت ۽ آزادي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي ڪيسن جو اڃا ٽرائل جاري آهي، شادمانا وڄائيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ضمانت ۽ آزادي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي، پي ٽي آءِ وٽ قانوني ڪيسز جي حوالي سان ڪي ثبوت نه آهن، انهن وٽ ايجنڊا ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي ضمانت تي خوشيون ملهائي …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي ڪيسن جو اڃا ٽرائل جاري آهي، شادمانا وڄائيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ضمانت ۽ آزادي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي، پي ٽي آءِ وٽ قانوني ڪيسز جي حوالي سان ڪي ثبوت نه آهن، انهن وٽ ايجنڊا ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي ضمانت تي خوشيون ملهائي رهيا آهن، اربين رپيا جيڪي سنڌ ۽ پنجاب حڪومت ڏانهن وڃڻا هئا، اها معاف ڪري ملڪ رياض جي حوالي ڪيا، 9 مئي جا واقعا چيئرمين پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي هدايت تي ٿيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي 9 مئي جي واقعن بابت 8 ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون منظور ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جو اڃا ٽرائل جاري آهي، شادمانا وڄائيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ضمانت ۽ آزادي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي، پي ٽي آءِ وٽ قانوني ڪيسز جي حوالي سان ڪي ثبوت نه آهن، انهن وٽ ايجنڊا ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي انهن وٽ ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي ان لاءِ اهي ضمانت تي ايتريون خوشيون ملهائي رهيا آهن، هي هاڻي پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، انهن جي عقل تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي جنهن ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي باقاعده ثبوت ۽ ٽرائل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ان ڪيس ۾ پي ٽي آءِ عدالت کي اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي ته اربين رپيا ملڪ رياض کي ڪهڙي مد ۽ ڪهڙي جواز تحت ڏنا ويا. پي ٽي آءِ ان ڪيس ۾ قانوني دليل ڏيڻ بدران مذهب ڪارڊ استعمال ڪيو ۽ رياست مدينه جي نالي تي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو آيو جنهن ۾ چيو ويو ته ڪنهن جو ڏنڊ سيٽل ڪيو ويو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪي اربين رپيا حڪومت پاڪستان کي اچڻا هئا، انهن کي هڪ ٻئي ڏنڊ ۾ ايڊجسٽ ڪيو وڃي. جيڪڏهن اهي ايترا ئي نيڪ نيت هئا ته پوءِ باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ سندس گهرواريءَ القادر يونيورسٽي ٽرسٽ ڇو ٺاهيو ۽ ملڪ رياض کان زمين ڇو ورتي؟ ان جو جواب به عدالت جي اندر نه ڏنو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پنج پنج قيراط جون مُنڊيون رشوت جي طور تي ورتيون ۽ فائيلن کي ڦيٿو لڳائڻ جي لاءِ پئسا وصول ڪندا رهيا. 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اها ڳالهه ثابت آهي ته بند لفافي ۾ ڪابينا کان فيصلو منظور ڪرايو ويو ۽ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪابينا کي اهو ٻڌائڻ به گوارا نه ڪيو ته ان لفافي ۾ ڇا آهي، ان وقت ڪابينا جي ڪيترن ئي ميمبرن سوال اٿاريو پر عمران خان انهن کي اوور رول ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته توهان جو ان سان ڪو تعلق نه آهي، توهان رڳو ان کي منظور ڪريو. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ 14 سال جي سزا پنهنجي جڳهه تي موجود آهي، ان ڪيس ۾ هي ڪنهن به قسم جو دفاع نه ڪري سگهيا. اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته جڏهن توهان کي 14 سال قيد جي سزا ٿي وڃي ۽ ان کانپوءِ هڪ ضمانت ملڻ تي ان طريقي سان شادمانا وڄايا وڃن. هن چيو ته سلمان اڪرم راجا هڪ سينيئر وڪيل آهي، ان جو تمام گهڻو احترام آهي، اڄ جڏهن هن چيو ته اسان جي فتح ٿي آهي ته اهو سمجهه کان ٻاهر آهي ڇو ته ضمانت ته قاتل، ڦورو ۽ هر قسم جي جوابدار کي به ملي وڃي ٿي. هن چيو ته 9 مئي ڪيس جو اڃا ٽرائل هلي رهيو آهي، ان ٽرائل کي منطقي انجام تائين پهچڻو آهي، هي رڳو هڪ ضمانت آهي فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته شبلي فراز سميت پي ٽي آءِ جي ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن کي 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزائون ٿيون آهن، جڏهن انهن کي سزا ٻڌائي وئي ته اهي به ضمانتن تي هئا. هن چيو ته اڄ رڳو ضمانت ملڻ تي ايتري خوشي ملهائي پئي وڃي جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇا باني چيئرمين پي ٽي آءِ اڄ آزاد ٿي ويو آهي؟ هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ انڊر ڪسٽڊي آهي، 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ کيس سزا ٿي چڪي آهي، جڏهن هو قيد آهي ته ان ضمانت سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جاچ ادارا اڳ کان گرفتار جوابدار جي ضمانت تي زور ناهن ڏيندا، پراسيڪيوشن ضمانت جو ناهي چوندي. هن چيو ته اڄ ملندڙ ضمانت تي جهُمريُون هنيُون پيُون وڃن، انهن کي اهو معلوم نه آهي ته ضمانت ۽ آزادي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته 9 مئي جي واقعن جي منصوبابندي عمران خان ڪئي، 9 مئي جا واقعا به پوري قوم ڏٺا. باني چيئرمين پي ٽي آءِ ان جي پوري منصوبابندي ڪري ويو، زوم تي هڪ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن ان عمل جي مخالفت ڪئي پر پي ٽي آءِ پرتشدد رستو اختيار ڪيو. 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا ويا، شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو ويو، ريڊيو پاڪستان کي ساڙيو ويو. اهو سڀ هڪ ڪڌي سازش تحت باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي هدايت تي ٿيو. دشمن به ان حد تائين نه ويو جيترو عمران خان ۽ سندس پارٽي وئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي لاءِ اڄ سوڳ جو ڏينهن آهي، انهن کي شايد اهو معلوم نه آهي ته 9 مئي جي ڪيسز ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، انهن سڀني شين جي هوندي هي خوشيون ملهائي پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. انهن اڳ ۾ قوم کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، آءِ ايم ايف کي خط لکيا، قوم انهن جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ڪو بيوقوف نه بڻيو ته هاڻي پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ شخص جنهن کي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 14 سال جي سزا ٿي چڪي آهي ۽ ان وٽ پنهنجي دفاع جي لاءِ ڪجهه نه آهي، هن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي، ملڪ رياض کي فائدو ڏنو، هن ملڪ ۽ قوم جو پئسو جيڪو سنڌ حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ڏانهن وڃڻو هو، اهو معاف ڪري ملڪ رياض جي حوالي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ وٽ ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي ته  اهي اڄ هڪ ضمانت ملڻ تي خوشي ملهائي رهيا آهن، انهن جي عقل تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. انهن کي خبر آهي ته 9 مئي جي ڪڌي سازش باني چيئرمين پي ٽي آءِ ڪئي، ان جا سمورا پارٽي قائدين به ان ۾ شريڪ هئا. هن چيو ته 9 مئي ڪيسز کانسواءِ توشه خانه ڪيس به هلي رهيو آهي، ان ۾ به باني چيئرمين پي ٽي آءِ اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، هي هر ڪيس ۾ تاريخون وٺن ٿا ۽ ڪيس کي ڊگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا اهڙي طرح ڪي اضافي ثبوت نه اچي ويندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳ ۾ به وڏيون مٺايون کاڌيون آهن جيڪي بي ذائقه ۽ ڦڪيون نڪتيون هيون، انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي طرز عمل تي غور ڪن، باني چيئرمين پي ٽي آءِ ٻاهر ايندي نظر نه ٿو اچي، حقيقت اها آهي ته انهن وٽ دفاع جي لاءِ ڪجهه نه آهي ۽ انهن جي سياسي ايجنڊا ختم ٿي چڪي آهي.