ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس جو شعبو اهميت رکندڙ آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس جو شعبو اهميت رکندڙ آهي. هن اها ڳالهه ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس شعبي سان واڳيل اهم برآمد ڪندڙن ۽ پروڊيوسرز جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت نشان چونيان لميٽيڊ جو شهزاد سليم ڪري رهيو هو. ناڻي واري …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس جو شعبو اهميت رکندڙ آهي. هن اها ڳالهه ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس شعبي سان واڳيل اهم برآمد ڪندڙن ۽ پروڊيوسرز جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت نشان چونيان لميٽيڊ جو شهزاد سليم ڪري رهيو هو. ناڻي واري وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائيل جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت ان شعبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ملاقات ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽس شعبي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو.