اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ضلعي بونير ۽ سوات جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. جاري پڌرائي موجب سينيٽر روبينه خالد متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. سينيٽر روبينه خالد متاثر خاندانن کي بي آءِ ايس پي جي مڪمل حمايت ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. هن …
بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جو ضلعي بونير ۽ سوات جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ضلعي بونير ۽ سوات جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. جاري پڌرائي موجب سينيٽر روبينه خالد متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. سينيٽر روبينه خالد متاثر خاندانن کي بي آءِ ايس پي جي مڪمل حمايت ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. هن بي آءِ ايس پي عهديدارن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن جا تفصيل فوري طور تي جمع ڪن ته جيئن امدادي پئڪيج ۾ شموليت ڪئي وڃي. سينيٽر روبينه خالد پير بابا جي مزار ۽ مقامي گورڌواري جو پڻ دورو ڪيو ۽ سک برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ مقامي ماڻهن کي ماحولياتي آلودگي جي خطرن کان پڻ آگاهه ڪيو. پنهنجي دوري دوران هن پريس ڪلب سوات جو پڻ دورو ڪيو جتي بي آءِ ايس پي پاران موبائيل رجسٽريشن وهيڪل (ايم آر وي) مقرر ڪئي وئي هئي. سينيٽر روبينه خالد عورتن جي سروي ۽ رجسٽريشن جي عمل جي پاڻ نگراني ڪئي. ان سان گڏ ئي ميڊيڪل ڪئمپ جو پڻ معائنو ڪيو ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن ۽ رضاڪارن سان ملاقات ڪئي، هِن سرندي وارن ماڻهن کي اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرين جي وڌ کان وڌ مدد جي اپيل پڻ ڪئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊسٽرڪٽ بونير جي انهن سمورن علائقن جو دورو ڪيو جيڪي تازي ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيا. انهن علائقن ۾ پٽه دره ۽ قادر نگر پڻ شامل آهن، جتي هڪ ئي خاندان جا 25 ماڻهو شديد جي تقريب جي لاءِ جمع هئا ۽ اوچتو ايندڙ آفت جي ڪري فوت ٿي ويا. دوري دوران روبينه خالد جنيد نالي نوجوان سان ملاقات ڪئي جنهن جي گهر جا 7 ماڻهو جن ۾ والده، ڀاڄائي، ٻه ڀائٽيا ۽ ٻه ڀينرون شامل هيون، اهي سڀ جا سڀ ان سانحي ۾ فوت ٿي ويا. جنيد جي والده بي آءِ ايس پي جي مستحق عورت هئي. ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊي جي خيبرپختونخواهه کي فوري طور تي هدايت ڪئي ته انهن جا سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن خصوصي پئڪيج تحت انهن جي مدد ممڪن بڻائي سگهجي. بعد ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن گوڪند علائقي جو پڻ دورو ڪيو ۽ پونئيرن سان فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن هڪ اکين کان محروم بزرگ سان ملاقات ڪئي جنهن جا 8 کان 9 ويجهي مائٽ ان سانحي ۾ فوت ٿي ويا ۽ هاڻي ان وٽ رڳو ٻه معصوم ٻار رهجي ويا آهن. سينيٽر روبينه خالد ذاتي حيثيت ۾ به متاثر خاندان جي مالي مدد ڪئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن پيرا بابا مزار جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته هن علائقي جي تباهي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي ڇو ته پورو شهر ۽ مزار مڪمل طور تي پاڻي ۾ ٻڏل هئا. اهڙي طرح هن هڪ مقامي گورڌواري ۾ پڻ حاضري ڀري، سک ڪميونٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿي. هن متاثر برادري سان تعزيت ڪري انهن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن آفت سٽيل علائقن ۾ موجود ريسڪيو ٽيمن ۽ اين جي اوز کي اپيل ڪئي ته اهي وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪن ۽ متاثرين جي امداد ۾ ڀرپور حصو وجهن. سينيٽر روبينه خالد هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن جي مدد دوران ڪنهن به قسم جي نمائش کان پاسو ڪيو وڃي ۽ انهن جي عزت نفس کي هر صورت ۾ نظر ۾ رکيو وڃي. مقامي ماڻهن بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن کي اٽڪل 100 فوت ٿيندڙ ماڻهن جي فهرست پڻ ڏني جنهن تي هن فوري طور تي ڊيٽا جي تصديق ڪرڻ ۽ آئنده ريليف پئڪيجز ۾ انهن متاثرين کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پلاسٽڪ بيگز ۽ بوتلون ماحول ۾ تحليل نه ٿيون ٿين ۽ اهي ماحولياتي تبديلي ۾ اضافو ڪن ٿيون. ان پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هن پاڻ به صفائي مهم ۾ حصو ورتو ۽ پلاسٽڪ جو ڪچرو هڪ جڳهه تي جمع ڪيو. ان جي ان عمل کي ڏسندي مقامي ماڻهن ۽ بي آءِ ايس پي ٽيم پڻ ان مهم ۾ ڀرپور شموليت اختيار ڪئي.











