سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽر امير ولي الدين چشتي جي صدارت ۾ سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عوامي صحت، طبي تعليم ۽ عوامي صحت بابت اهم قانونسازي ۽ ريگيوليٽري معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي شروعات سينيٽر فوزيه ارشد پاران ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز داخلا ٽيسٽ سان لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان اٿاريل سوالن …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽر امير ولي الدين چشتي جي صدارت ۾ سينيٽ جي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عوامي صحت، طبي تعليم ۽ عوامي صحت بابت اهم قانونسازي ۽ ريگيوليٽري معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي شروعات سينيٽر فوزيه ارشد پاران ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز داخلا ٽيسٽ سان لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان اٿاريل سوالن سان ٿي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 2020ع کان التوا هيٺ
 ڪيسن جي مالي مضمرات جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي سي اي ٽي) 5 آڪتوبر تي ٿيندي جنهن ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ اميدوارن جي شرڪت متوقع آهي. ڪميٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي ته پيپر ليڪ ۽ بي ضابطگين جي روڪٿام جي لاءِ خاص طور تي سنڌ ۾ مانيٽرنگ جي مضبوط طريقيڪار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاگردن جي مستقبل تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال يقين ڏياريو ته سوالن جو هڪ محفوظ پول تيار ڪيو ويو آهي، صوبن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ اضافي حفاظتي قدم متعارف ڪرايا ويا آهن. ڪميٽي سينيٽر محمد همايون مهمند پاران پيش ڪيل پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (ترميمي) بل 2025ع ۽ مينٽل هيلٿ (ترميمي) بل 2025ع سميت قانونسازي جي معاملن تي غور ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ريگيوليٽري ادارن کي سياسي اثررسوخ کان آزاد رهڻ گهرجي ۽ شفاف طريقي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. بل کي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو. ذهني صحت (ترميمي) بل 2025ع تي ڪميٽي ماهر نفسيات کي ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت آڻڻ جي فوري ضرورت کي تسليم ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين پڻ ان تجويز جي توثيق ڪئي ۽ بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي تماڪو نوشي جي منع ۽ تماڪ نه ڇڪيندڙن جي صحت (ترميمي) بل 2025ع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بل پيش ڪندي سينيٽر سرمد علي ويپنگ کي فوري طور تي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ تعليمي ادارن جي ويجهو وڪري تي پابندي هڻڻ جي تجويز پيش ڪئي. ڪميٽي جي چيئرمين وزارت کي هدايت ڪئي ته اها پراڻن وفاقي تماڪ قانونن جي روشني ۾ نظرثاني ٿيل تجويزون پيش ڪري. نجي ميڊيڪل ڪاليجز جي معاملي تي ميمبرن ادارن پاران مقرر 18 لک رپين جي حد کان وڌيڪ فيس وصول ڪرڻ ۽ ريفنڊ جاري نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين تجويز ڏني ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪاليجن جي آڊٽ رپورٽس حاصل ڪيون وڃن جڏهن ته وفاقي وزير اسلام آباد ۾ انسپيڪشن شروع ڪرڻ ۽ ڪميٽي کي رپورٽ ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. چيئرمين سينيٽر عامر ولي الدين چشتي دواسازي جي شعبي ۾ ڪارٽيلائيزيشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته منافعي خوري جي ڪري قيمتن ۾ اضافو عوامي صحت جي قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت سستي عوامي صحت کي يقيني بڻائڻ جي مقصد سان نيڪ نيتي سان ڊي ريگيوليشن کي اختيار ڪيو آهي جڏهن ته هن مشورو ڏنو ته جيڪڏهن اها ڪارٽيلائيزيشن ختم نٿي ٿئي ۽ ڊي ريگيوليشن جو مقصد حاصل نه ٿو ٿئي ته اسان ڊي ريگيوليشن جي پاليسي تي نظرثاني ڪنداسين، وزارت ٻڌايو ته لاڳاپيل ڌرين جي تعاون سان ڊي ريگيوليشن جي جائزي کي 18 سيپٽمبر تائين حتمي شڪل ڏني ويندي. ڪميٽي جي چيئرمين اجلاس جي پڄاڻي ان ڳالهه تي زور ڏيندي ڪئي ته عوامي صحت جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ هدايت ڪئي ته سيپٽمبر ۾ تشخيصي رپورٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ ڪميٽي ۾ دوائن جي قيمتن جي معاملي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سينيٽرز محمد همايون مهمند، فوزيه ارشد، سيد مسرور احسن، عرفان الحق صديقي، سرمد علي، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن وارو وفاقي وزير، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن وارو سيڪريٽري، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي بابت ڪنسلٽنٽ ۽ لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا.