اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شديد برساتن، ٻوڏ ۽ بجلي جي بندش جو ايمرجنسي الرٽ جاري ڪيو آهي جڏهن ته اين ڊي ايم اي چيو آهي ته سنڌ ۾ 24 کان 28 آگسٽ تائين شديد برساتن جو سسٽم متوقع آهي. اين ڊي ايم اي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حيدرآباد ۾ گجگوڙ سان برسات …
اين ڊي ايم اي پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شديد برساتن، ٻوڏ ۽ بجلي جي بندش جو ايمرجنسي الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شديد برساتن، ٻوڏ ۽ بجلي جي بندش جو ايمرجنسي الرٽ جاري ڪيو آهي جڏهن ته اين ڊي ايم اي چيو آهي ته سنڌ ۾ 24 کان 28 آگسٽ تائين شديد برساتن جو سسٽم متوقع آهي. اين ڊي ايم اي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حيدرآباد ۾ گجگوڙ سان برسات متوقع آهي جنهن سان شهري ٻوڏ جو خطرو آهي. ڪراچي ۾ به تيز برسات متوقع آهي. تيز برسات شهري ٻوڏ ۽ بجلي جي تعطل جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اين ڊي ايم اي چيو آهي ته شهري پاڻي هيٺ رستن تي سفر ۽ بجلي ٿنڀن کان پري رهن، بجلي وارن اوزارن کي محفوظ بڻائين ۽ استعمال ڪرڻ وقت حفاظتي قدم کڻن. پنهنجي گهرن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام کي چيڪ ڪن ته جيئن پاڻي جمع نه ٿئي. هيٺانهين وارن علائقن جا رهواسي هنگامي ڪِٽ تيار ڪن. ضروري شيون جهڙوڪ پاڻي، خوراڪ ۽ فرسٽ ايڊ ڪِٽ تيار رکن. مقامي انتظاميا جي هدايت تي عمل ڪن.











