اطلاعات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جو جهنڊا چيچي، اسڪيم 3 ۽ شاهه خالد ڪالوني ۾ صحت جي عملدارن سان گڏ دورو

راولپنڊي - 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري گذريل ڏينهن جهنڊا چيچي، اسڪيم 3 ۽ شاهه خالد ڪالوني ۾ صحت جي عملدارن سان گڏ دورو ڪيو ۽ ڊينگي جي خاتمي واري مهم جي سلسلي ۾ مختلف انسٽيٽيوشنز، قبرستانن، دڪانن ۽ گهٽين ۽ پاڙن جو معائنو ڪيو ۽ جتي لاروا جو انگ وڌيڪ ڏٺو ويو انهن جاين کي موقعي تي مڪمل سيل ڪيو ويو. لاڳاپيل …

راولپنڊي – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري گذريل ڏينهن جهنڊا چيچي، اسڪيم 3 ۽ شاهه خالد ڪالوني ۾ صحت جي عملدارن سان گڏ دورو ڪيو ۽ ڊينگي جي خاتمي واري مهم جي سلسلي ۾ مختلف انسٽيٽيوشنز، قبرستانن، دڪانن ۽ گهٽين ۽ پاڙن جو معائنو ڪيو ۽ جتي لاروا جو انگ وڌيڪ ڏٺو ويو انهن جاين کي موقعي تي مڪمل سيل ڪيو ويو. لاڳاپيل صفائي عملي کي هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي جي عمل کي ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته عوامي تعان کانسواءِ ڊينگي جي خاتمي جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون ٿي سگهن. هن دڪاندارن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي صفائي جي اصولن تي سختي سان عمل ڪن ۽ ڪنهن به جڳهه تي پاڻي بيهڻ نه ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت جي هدايت تي ڊينگي جي خاتمي واري مهم کي موثر انداز ۾ جاري رکيو پيو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.