پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل عقيدن، ثقافتي وابستگين ۽ گڏيل روايتن ۾ گهري وابستگي رکن ٿا: وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج

راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل عقيدن، ثقافتي وابستگين ۽ گڏيل روايتن ۾ گهري وابستگي رکن ٿا، هن گڏيل تعاون جي نون شعبن کي ڳولڻ لاءِ هڪٻئي جي ادارن جي درون جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. دفاعي پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج سان آذربائيجان جي سفير …

راولپنڊي-21 آگسٽ (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل عقيدن، ثقافتي وابستگين ۽ گڏيل روايتن ۾ گهري وابستگي رکن ٿا، هن گڏيل تعاون جي نون شعبن کي ڳولڻ لاءِ هڪٻئي جي ادارن جي درون جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. دفاعي پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ سمورن عالمي فورمن تي پاڪستان لاءِ آذربائيجان حڪومت جي ڀائراڻي جذبن کي ساراهيو. وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود دفاعي تعاون کي ساراهيو ۽ ان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ٻئي طرف وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج سان بيلجيم جي سفير چارلس آئيڊ سبالڊ به ملاقات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌي رهيا آهن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳان کي هٿي ڏني پئي وڃي، ڪاروباري شعبي ۾ اسان جي تعاون جي حوالي سان اهو مسلسل وڌي رهيو آهي، ان ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ جي اميد آهي. معزز مهمانن ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي وزير جو ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان حڪومت سان سمورن شعبن ۾ ڪم جاري رکڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي سفيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان مڪمل تعاون جي ڪوششن جي خاطري ڪرائي.