وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ميڪيئي پيسارسڪي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ پولينڊ ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جي موقعن جي فراهميءَ بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ميڪيئي پيسارسڪي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ پولينڊ ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جي موقعن جي فراهميءَ بابت تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان گذريل هڪ سال ۾ ٽيڪسٽائل، چمڙي، اسپورٽس بابت 450 ملين ڊالرن جون شيون پولينڊ کي برآمد ڪيون. سفير پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ هاڻوڪين برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. سفير چيو ته پولينڊ ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جا موقعا موجود آهن. پرڏيهي غير قانوني اميگريشن روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پولينڊ جو پرڏيهي وزير آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دؤرو ڪندو جنهن ۾ ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته هڪ سال ۾ 7 لک 42 هزار پاڪستاني روزگار جي سلسلي ۾ پرڏيهه ويا آهن. پاڪستان ورڪ فورس ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي، پاڪستان غير قانوني اميگريشن روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن. ڪوريا ۽ جاپان سان پاڪستانين کي روزگار جي فراهميءَ لاءِ پائليٽ پروجيڪٽ ڪاميابيءَ سان جاري آهي. ملاقات ۾ پاڪستانين کي پولينڊ ۾ روزگار جي موقعن جي فراهميءَ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.